اسٽيل ملز جي بحاليءَ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي هدايت، اداري کي بچائڻ پهرين ترجيح آهي: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان واپار ۽ صنعت واري وزارت کي اسٽيل ملز بحال ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪوششون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اسٽيل ملز کي نقصان کان بچائڻ ۽ ان جي بحالي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، هڪ نفعو ڏيندڙ اداري جي تباهي ماضي جي بد انتظامي ۽ لاپرواهي جو مثال آهي، سومر تي وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي جي حوالي سان اجلاس ٿيو جنهن ۾ عبدالرزاق دائود، عبدالحفيظ شيخ، صنعت ۽ پيدوار واري وزارت جو سيڪريٽري، نجڪاري ڊويزن جو سيڪريٽري ۽ ٻين شرڪت ڪئي، وزيراعظم کي اسٽيل ملز جي موجوده صورتحال، مل بند هئڻ سان ٿيل نقصان، اسٽيل ملز جي بحالي جي سلسلي ۾ موجوده حڪومت پاران ڪيل فيصلن تي هن وقت تائين اڳڀرائي بابت ڄاڻ ڏني وئي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اسٽيل ملز 2008 تائين نفعو ڏيندڙ ادارو هو جيڪو 2009 ۾ نقصان ۾ ويو ۽ جون 2015 ۾ اسٽيل ملز کي مڪمل طور بند ڪيو ويو، هاڻ هي ادارو مسلسل گهاٽي ۾ آهي، رڳو ملازمن جي پگهارن جي سلسلي ۾ حڪومت 37 ڪروڙ ماهوار خرچ برداشت ڪري رهي آهي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هن وقت تائين اسٽيل ملز تي رهتون 2 سئو 17 ارب آهن، وزيراعظم چيو ته اسٽيل ملز کي نقصان کان بچائڻ ۽ ان کي بحال ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *