اسيمبلي ميمبرز کي لالچ ڏئي ۽ حراسان ڪري وفاداريون تبديل ڪرايون پيون وڃن: مراد علي شاهه

حيدر آباد (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي جو ڪو چيئرمين اڳوڻو صدر آصف علي زرداري جيڪو چوندو آهي اهو ڪري ڏيکاريندو آهي، هن چيو ته آئون نٿو سمجهان ته زرداري صاحب سينيٽ جو چيئرمن بڻجي ڇاڪاڻ ته هو صدر پڻ رهي چڪو آهي ۽ هو پاڻ ڪنهن کي چاهي ته سينيٽ جو چيئرمين چونڊرائي سگهي ٿو، هن چيو ته سينيٽ جي چيئرمن صادق سنجراڻي کي پڻ آصف علي زرداري سينيٽ جو چيئرمن چونڊرايو آهي -هو اڄ تعلقي سيوهڻ يو سي بوبڪ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي پراڻي ڪارڪن رئيس بنگل خان بوزدار جي لاڏاڻي تي سندس وارثن سان تعزيت ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا جي نمائندن سانڳالهائي رهيو هو_هن چيو ته چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداريءَ وفاقي حڪومت ۽ اسپيڪر جيڪردار جي مذمت ڪئي آهي، اپوزيشن کي ٻڌڻ کان سواءِ  زبردستي وفاقي بجيٽ کي منظور ڪيو ويو آهي  بجيٽ ۾ ماڻهن تي جيڪي ٽيڪس مڙهيا ويا آهن ۽ مهانگائي وڌائي ويئي آهي ان حوالي سان اپوزيشن جي ميمبرن جي ڪابه ڳالهه ٻڌي نه ويئي  ان لاءِ وفاق جي اهڙي عمل جي اسين مذمت ڪيون ٿا_هن چيو ته وفاقي حڪومت بالڪل ناڪام ٿي چڪي آهي. ملڪ اندر مهنگائي جو طوفان اچي ويو آهي ۽هر طبقي جو ماڻهو چاهي اهو امير هجي غريب هجي بزنس مين هجي،هاري هجي، مزدور هجي ڀلي ڪهڙي به طبقي سان سندس تعلق هجي اهي سڀئي اهوچئي رهيا آهن ته وفاقي حڪومت بالڪل ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ منهنجي خيال ۾حڪومت جي سربراهه کي واپس وڃڻ کپي.هڪ سوال تي هن چيو ته نواز ليگ جي اسيمبلي ميمبرن جي وزيراعظم سان ملاقات بابت ن ليگ جي قيادت کان پڇيو وڃي، باقي اپوزيشن جي ميمبرن کي لالچون ڏيئي، انهن کي حراسان ڪري انهن جي وفادارين کي تبديل ڪرڻ جي عمل جي آئون مذمت ڪريان ٿو. وڏي وزير چيو ته وفاق چيو ته هلندڙ سال سنڌ حڪومت کي 665 ارب  رپيا ڏينداسين ۽ 13 جون تي ان رقم کي گهٽ ڪري 631 ارب رپيا ڪيا ويا ۽هن وقت 17 جون تائين سنڌ حڪومت کي فقط  505  ارب روپيا مليا آهن. هڪ سوال تي وڏي وزير چيو ته فصلن تي ماڪڙ جي حملن سبب وڏو نقصان نه ٿيو آهي ان حوالي سان سنڌ حڪومت پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي. پلانٽ پروٽيڪشن ڊويزن وفاقي سرڪارهيٺ آهي ۽ جڏهن شهيد ذوالفقار ڀٽو وزيراعظم پاڪستان هو ته اهوادارو قائم ڪيائين ۽ ان وقت 17 جهاز ورتا هئا جڏهن ته هن وقت صرف 6 جهاز  بچيا آهن ۽ انهن مان به فقط هڪڙو فعال آهي _ هن چيو ته جيڪو وفاق جهازموڪليو هو ۽ اهو به هتي اچڻ کانپوءِ خراب ٿي وئي، ان موقعي تي پي پي پي اڳواڻ سيد محمد شاهه ، پي پي پي ضلعي صدر سيد آصف علي شاهه،پي پي پي تعلقي صدر امان االله شاهاڻي ، محمد سليم باجاري کان علاوه پاڪستان پيپلزپارٽي جاٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا _بعد ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عبدالحميد بليدي سان سندس سئوٽ ۽ مخدوم زبيرسان سندس ڀيڻ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *