اسيمبلين ۾ بي اعتمادي رٿ وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي، قوم جشن جي تياري ڪري: مريم نواز

ڪراچي(م.د) نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز چيو آھي تھ قوم جشن جون تياريون شروع ڪري، صحافين سان ڳالھائيندي ھن چيو تھ قومي ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ بي اعتمادي رٿ وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي، ھن  چيو تھ عمران خان کي ساڍا 3سال اڳ گهٻرائڻ گهرجي ها، عمران خان سڄو ڌيان نوازشريف۽ شهبازشريف تي رکيو، نوازشريف چيو هو ته رات جون ٺهندڙ پارٽيون رات جو ئي ٽٽنديون آهن، نيون چونڊون ۽ نئون منڊيٽ ئي سمورن مسئلن جو حل آهي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *