اسلام ۾ 4 نڪاح جائز آهن، متحده سان 7 دفعا نڪاح ٿيو ۽ ٽٽو خبر نه آهي ته اڃا ڪيترا نڪاح ٿيندا: منظور وساڻ

خيرپور (ڊ.ر) صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته پيپلز پارٽِي جو متحده سان ست ڀيرا نڪاح ٿيو ۽ ٽٽو آهي پر اسلام ۾ 4 ڀيرا نڪاح جائز آهن خبر ناهي متحده سان اڃا ڪيترا نڪاح ٿيندا، پرويز مشرف جو مستقبل اونداهو ٿي چڪو آهي، اتحاد جوڙڻ جو ڪو فائدو نه ٿيندو، ذوالفقار مرزا جي پارٽي قيادت تي لڳايل الزام ڪوڙ تي ٻڌل آهن، قائم علي شاهه سندس بيانن تي غور ڪري رهيو آهي جنهن کانپوءِ ان جي خلاف ڪارروائي ٿيندي، ڪراچي کانپوءِ خيرپور ضلعو لينڊ مافيا جو ڳڙهه  بڻجي چڪو آهي، بلديا ٽائون سانحي ۾ جيڪو ملوث هوندو ان خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي، سانحي ۾ 3 سئو کان وڌيڪ ماڻهو سڙي ويا، سڄي ملڪ جي جيلن ۾ 8 هزار کان وڌيڪ دهشتگرد ڦاهي جي سزا تي ويٺل آهن، ڪجهه دهشتگردن کي ڦاهي ڏيڻ کانپوءِ دهشتگردن ۾ ڦڙ ڦوٽ آهي، ڦاهيون ڏيڻ سان جيلن ۾ دهشتگردي جي حملن جا خطرا وڌي ويا آهن جنهن سبب سنڌ جي جيلن ۾ سخت سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا ويا آهن، شڪارپور سانحي ۾ 60 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد جنهن جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي، 20-20 لک رپيا انسان جي جان جي قيمت نه آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن خيرپور پريس ڪلب جي نون چونڊيل عهديدارن سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته خيرپور ضلعي ۾ سرڪاري زمينن تي قبضا ٿي رهيا آهن، قبضا مافيا طاقتور آهي، بي لغام گهوڙي وانگر اربين رپين جي زمينن تي قابض آهي، سنڌ حڪومت هنگامي بنيادن تي انهن خلاف ڪارروائي ڪندي، خيرپور جي تاريخي ناز هاءِ سيڪنڊري اسڪول سميت ٻين سرڪاري اسڪولن جي نجڪاري جيڪڏهن سٺا ڪم ۽ تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ آهي ته اها سٺي ڳالهه آهي، جيڪڏهن قيمتي تاريخي جاين تي قبضي جي رٿابندي ٿي رهي آهي ته ان جي سخت مذمت ڪريان ٿو، سنڌ جي زراعت تباهه ٿي رهي آهي، شگر مالڪ مستي ڪري رهيا آهن، 182 رپيا في مڻ آبادگارن جو حق آهي پر هي مسئلو سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، ان سان گڏ پيپلز پارٽي سنڌ ڪونسل جو ميمبر منور وساڻ ۽ ٻيا موجود هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *