اسلام ڪوٽ: 2 ڳور هاريون عورتون ۽ 2 ٻارڙا فوت، سيشن جج نوٽيس ورتو

اسلام ڪوٽ(رپورٽ:سجاول بجير)مٺي ۾ ڊليوري لاءِ آيل ٻه ڳورهاري عورتون فوت،ٻه ٻارڙا به زندگي جي جنگ هارائي ويا،سيشن جج نوٽيس وٺندي ڊي سي ۽ ڊي ايڇ او کان رپورٽ طلب ڪري ورتي،خبرموجب:مٺي جي هڪ نجي اسپتال ۽ سول اسپتال ۾ ڊليوري لاءِ آيل ٻه ڳورهاري عورتون فوت ٿي ويون،نجي اسپتال ۾ ڳوٺ روهيلو واسي ڳورهاري خطيجه زال منظور جيڪو بهتر علاج نه ٿيڻ سبب فوت ٿي ويئي ۽ سول اسپتال مٺي ۾ ڊليوري لاءِ آيل هڪ وڌيڪ نوجوان ناري ٻار کي جنم ڏيڻ بعد ٻار سميت ڊاڪٽرياڻين جي لاپرواهي سبب فوت ٿي ويئي،ڳوٺ ھوٿيئر مان ڊليوري لاءِ آيل نوجوان ناري آملا زال ميوو ڀيل ٻار کي جنم ڏيڻ بعد اسپتال اندر تڙپي تڙپي فوت ٿي ويئي ۽ سندس ٻار به دم ڏيئي ڇڏيو،وارثن موجب ڊاڪٽرياڻين جي لاپرواهي سبب ناري جو موت ٿيو آهي،مٺي سول اسپتال علاج بدران ڪوس گهر بڻيل آھي،ٻئي پاسي سيشن جج ٿرپارڪر مشتاق احمد ڪلوڙ ٻنهي عورتن جي فوت ٿيڻ جو سختي سان نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي ۽ ڊي سي سميت ڊي ايڇ او ٿرپارڪر کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي،ٻئي پاسي چيلهار ۾ سرڪاري زمينن تي ٿيل قبضن بابت لڳل خبر جو پڻ سيشن جج ٿرپارڪر مشتاق احمد ڪلوڙ سختي سان نوٽيس وٺندي لاڳاپيل کاتي کان رپورٽ طلب ڪندي قبضا خالي ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي،جنهن بعد انتظاميا ۽ قبضيدار ڌرين ۾ ٿرٿلو متل آهي،ٻئي پاسي سول اسپتال مٺي ۾ هيتيش مهراج ۽ نواز ميانو جي تازن ڄاول ٻارڙن دم ڏنو،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *