اسلام آباد ۾ 7 سالن بعد يوم پاڪستان جي شاندا پريڊ، سيڪيورٽي انتهائي سخت

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ سومر تي يوم پاڪستان جي موقعي تي ستن سالن کان پوءِ يوم پاڪستان جي شاندار فوجي پريڊ منعقد ڪئي وئي. جنهن ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوجن جي جٿن شاندار فوجي پريڊ جڏهن ته پاڪ فضائيه جي جهازن شاندار فلاءِ پاسٽ جو مظاهرو ڪيو. خاص فوجي پريڊ ۾ صدر مملڪت ممنون حسين، وزيراعظم محمد نواز شريف، بچاءَ واري وزير خواجه محمد آصف، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل راشد محمود، چيف آف دي آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف، پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل سهيل امان، پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل ذڪاءُ الله کان علاوه پرڏيهي مهمانن، سفارتڪارن، هاءِ ڪمشنرن، وفاقي ۽ صوبائي وزيرن ۽ پارليامينٽ ميمبرن کان علاوه عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. صدر ممنون حسين تقريب جو خاص مهمان هو جنهن جي آمد جو بگل وڄائي اعلان ڪيو ويو جيڪو بگي ۾ سوار ٿي پريزيڊنٽ باڊي گارڊن سان گڏ تقريب ۾ پهتو. سلامتي جي چبوتري تي وزيراعظم محمد نواز شريف، بچاءَ واري وزير خواجه محمد آصف، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل راشد محمود، آرمي چيف جنرل راحيل شريف، بحريه ۽ فضائيه جي سربراهن صدر جو استقبال ڪيو جنهن بعد قومي ترانو وڄايو ويو. صدر پريڊ ڪمانڊر برگيڊيئر خرم سرفراز سان گڏ پريڊ جو معائنو پڻ ڪيو جنهن بعد پاڪ فضائيه ۽ بحريه جي جهازن جو شاندار فلاءِ پاسٽ ٿيو جنهن ۾ جي ايف-17 ٿنڊر، ايف-16 ميراج، پي-3 سي اورين، ايف-7، پي جي -7، قراقرم ايگل سيپ 2000، ڪي اي -3 ايواڪس سميت مختلف جنگي جهازن حصو ورتو. فضائيه مارچ پاسٽ جي اڳواڻي پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل سهيل امان ڪئي. پاڪ فضائيه ۽ بحريه جي جهازن سلامي واري چبوتري سامهون اڏامندي صدر مملڪت کي سلامي ڏني. پاڪ فوج جي اسپيشل سروسز گروپ جي جٿي پڻ مخصوص انداز ۾ پريڊ ڪندي صدر کي سلامي ڏني. جڏهن ته مختلف يونٽن جي جٿن پڻ پنهنجي انداز ۾ صدر کي سلامي پيش ڪئي. تقريب ۾ پاڪستان جا جديد ترين نصر ميزائيل سسٽم، بابر ڪروڊ ميزائيل سسٽم، شاهين ون، شاهين ٽو ميزائيل سسٽم، بنا پائليٽ جهاز، براق سميت دفاعي ۽ حربي سامان جو مظاهرو ڪيو ويو. قوم سومر ڏينهن روايتي جوش ۽ جذبي سان پاڪستان جو ڏهاڙو ملهايو، ڏينهن جي شروعات فجر کان پوءِ ملڪ جي سلامتي، استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خاص دعائن سان ٿي. وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ 31 ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21-21 توپن جي سلامي ڏني وئي. جڏهن ته سمورين اهم سرڪاري عمارتن تي قومي جهنڊا ڦڙڪايا ويا. لاهور ۾ علامه اقبال جي مزار تي گارڊن جي تبديلي واري تقريب ٿي ۽ پاڪ فضائيه جي جوانن گارڊن جون ذميواريون سنڀاليون. يوم پاڪستان ڏهاڙي جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو هو. صدر مملڪت ممنون حسين ۽ وزيراعظم محمد نواز شريف يوم پاڪستان جي مناسبت سان خاص پيغام جاري ڪيا. وفاقي گادي واري شهر ۾ يوم پاڪستان جي مناسبت سان ستن سالن جي وقفي بعد هٿياربند فوجن جي روايتي شاندار پريڊ پڻ منعقد ڪئي وئي، ان موقعي تي شهرين جو جذبو ڏسڻ وٽان هو. عوام جي وڏي انگ شاهراهن تي گڏ ٿي اسڪرينن تي يوم پاڪستان جي خاص پريڊ ڏٺي ۽ پاڪ فضائيه جي جنگي جهازن جو شاندار فضائي مظاهرو پڻ ڏٺو.صدر ممنون حسين چيو آهي ته ملڪ کي مسئلن جي ڌٻڻ مان ڪڍي عظمت ۽ بلندي طرف گامزن ڪيو ويندو، دهشتگردي خلاف جنگ لاءِ قومي لائحه عمل جوڙيو ويو آهي، قوم جو اتحاد واضح ڪري ٿو ته دهشتگردي جو خاتمو هاڻي پري نه آهي، آپريشن ضرب عضب ۾ جان هٿيلي تي رکندڙ سمورن سرفروشن کي هديه تبريڪ پيش ڪريان ٿو، پاڪستان پنهنجي سمورن پاڙيسرين سان برابري جي سطح تي پرامن دوستاڻن لاڳاپن جو خواهشمند آهي، ڀارت سان به دوستي جا خواهشمند ۽ ڳالهين جي ذريعي ڪشمير سميت سمورن مسئلن جو حل چاهيون ٿا. ڪالهه سومر ڏينهن پاڪستان ڏهاڙي جي مناسبت سان شڪر پڙيان پريڊ گرائونڊ ۾ ٽنهي هٿياربند فوجن جي پريڊ جي تقريب کي خطاب ڪندي صدر ممنون حسين چيو ته پاڪستان ڏهاڙي جي هن موقعي تي ملڪ جي محافظن جي 7 سالن کانپوءِ منعقد ٿيندڙ شاندار پريڊ ڏسي منهنجو ڳاٽ فخر سان اونچو ٿي ويو آهي ۽ منهنجو يقين پڪو ٿيو آهي ته جيڪا قوم ۽ ان جا محافظ ايثار ۽ قرباني جي جذبي سان سرشار آهن انهن کي دنيا جي ڪا طاقت شڪست نه ٿي ڏئي سگهي. صدر چيو ته 75 سال اڳ اسان جي بزرگن جدا ملڪ قائم ڪرڻ جو عهد ڪيو ۽ 7 سالن ۾ ان مشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. اهو تاريخ جو هڪ بي مثال واقعو آهي جنهن تي الله تعاليٰ جو شڪر واجب آهي ۽ بزرگن جي احسان مندي به آهي، اڄ جي پريڊ انهن قربانين جي ياد تازي ڪرڻ، اسلاف کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ ۽ ان عزم جي اظهار لاءِ منعقد ڪئي وئي آهي ته پنهنجي بزرگن جي نقش قدم تي هلندي اسان ملڪ کي مسئلن جي ڌٻڻ مان ڪڍي عظمت ۽ بلندي طرف گامزن ڪنداسين ڇو ته اسان جي منزل هڪ اهڙو جمهوري، خوشحال، ترقي يافته ۽ جديد علم رکندڙ پاڪستان آهي جنهن ۾ هر پاڪستاني پنهنجي عقيدي موجب آزادي سان زندگي گذاري سگهي ۽ ملڪ هر قسم جي نسلي، لساني، علائقائي ۽ مذهبي نفرتن کان پاڪ هجي، تحريڪ پاڪستان جي شهيدن، غازين ۽ مجاهدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو سڀ کان بهتر طريقو به اهو ئي آهي. هن چيو ته اسان هن قوم جا فرزند آهيون ته جن پنهنجو سفر شروع ڪيو ۽ رڳو 5 ڏهاڪن ۾ ائٽمي طاقت حاصل ڪئي. اسان جو تعلق ان قوم سان آهي جنهن هر قسم جي مصيبتن ۽ آفتن جو انتهائي ثابت قدمي سان مقابلو ڪيو آهي، انهن آزمائشن ۾ زلزلا ۽ ٻوڏ به شامل آهن ۽ دهشتگردي جو ناسور به، اڄ ان ناسور جي خلاف اسان جي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا مصروف آهن. آئون آپريشن ضرب عضب ۾ جان هٿيلي تي رکندڙ سمورن سرفروشن کي هديه تبريڪ پيش ڪريان ٿو جن تاريخ جي هن مشڪل جنگ ۾ قربانيون ڏنيون. هن چيو ته مون فيصلو ڪيو آهي ته پاڻ محاذ تي وڃي پنهنجي انهن فرزندن کي سيني سان لڳايان. آئون آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي معصوم شهيدن کي به سلام پيش ڪريان ٿو جن پنهنجي جانين جي قرباني ڏئي دشمن تي واضح ڪري ڇڏيو ته هن قوم کي شڪست نه ٿي ڏئي سگهجي. منهنجي لاءِ اها ڳالهه اطمينان جوڳي آهي ته دهشتگردن جي خلاف جنگ لاءِ قومي لائحه عمل جوڙي ڇڏيو آهي ۽ حڪومت، پاڪ فوج، رياست جا سمورا ادارا ۽ قوم جا سمورا طبقا ان ڳالهه تي گڏ ٿي چڪا آهن، قوم جو اهو اتحاد واضح ڪري ٿو ته دهشتگردي جو خاتمو هاڻي پري نه آهي (انشاءَ الله). هن چيو ته اسان جي بهادر فوج عالمي امن جي لاءِ گڏيل قومن ۾ به هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي جيڪو پاڪستان تي عالمي دنيا جي اعتماد جو مظهر آهي. آئون اعلان ڪريان ٿو ته عالمي امن لاءِ اسان پنهنجو ڪردار سدائين ادا ڪندا رهنداسين. هن چيو ته قومي زندگي جي ان اهم ترين ڏينهن جي موقعي تي اسان دنيا تي اهو واضح ڪرڻ چاهيون ٿا ته پاڪستان پنهنجي سمورن پاڙيسرين سان برابري جي سطح تي پرامن دوستاڻا لاڳاپا چاهي ٿو. اسان ڀارت سان به دوستي جا خواهشمند آهيون ۽ ان سان ڳالهين ذريعي ڪشمير سميت سمورن مسئلن جو حل چاهيون ٿا. اسان واضح ڪريون ٿا ته ڪشمير مسئلو ڪشميري عوام جي امنگن موجب گڏيل قومن جي قراردادن جي روشني ۾ ئي حل ٿي سگهي ٿو ۽ اهو ئي حل علائقائي سلامتي ۽ خطي ۾ پائيدار امن جو واحد بنياد آهي. صدر چيو ته افغانستان سان اسان جا گهرا مذهبي، تاريخي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن جن کي محبت ۽ اخلاص جي بنياد تي وڌيڪ فروغ ڏنو پيو وڃي. آئون ان موقعي تي انهن سمورن دوست ملڪن جو ذڪر ڪندي به خوشي محسوس ڪريان ٿو ته جيڪي انتهائي خلوص سان مختلف منصوبن ۾ پاڪستان سان تعاون ۽ مدد فراهم ڪري رهيا آهن. پاڪستان مالي مسئلن جو شڪار آهي ان سبب بدعنواني به آهي ۽ پنهنجي فرضن ۾ ڪوتاهي به، اچو ته عهد ڪريون ته پنهنجي ملڪن کي مسئلن جي ڌٻڻ مان ڪڍڻ لاءِ اسان پنهنجي فرضن ۾ ڪڏهن ڪوتاهي نه ڪنداسين ۽ ترقياتي منصوبن جي مڪمل ٿيڻ ۾ ڪا رڪاوٽ اچڻ نه ڏينداسين. سندس چوڻ هو ته مون کي خوشي آهي ته وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ سندس حڪومت جون ترجيحون صحيح آهن ۽ هو معيشت جي استحڪام ۽ ان جا فائدا عام ماڻهو تائين پهچائڻ جي لاءِ سخت محنت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته قوم جي هر شخص جي ذميواري آهي ته هو انهن مثبت پاليسين کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ سچي دل سان مدد ڪري. هن چيو ته خوشي جي هن موقعي تي آئون قوم تائين خوشي جي اها خبر به پهچائڻ چاهيان ٿو ته پاڪستان جون سامونڊي حدون 200 ناٽيڪل ميل کان وڌيڪ 350 ناٽيڪل ميل ٿي ويون آهن جنهن جي منظوري گڏيل قومن جي ڪميشن باضابطا طور تي ڏئي ڇڏي آهي اهڙي طرح پاڪستان پهريون ملڪ بڻجي ويو آهي جنهن جي سامونڊي حدن ۾ اضافو ٿيو جنهن سبب پاڪستان جي پهچ سمنڊ ۾ موجود قدرتي وسيلن تائين ٿي وئي آهي، آئون هن تاريخي ڪاميابي تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته آئون سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت، پاڪستان بحريه، سامونڊي تحقيق بابت قومي اداري ۽ انهن سمورين وزارتن کي به مبارڪباد پيش ڪريان ٿو جن جي اڻٿڪ محنت سان ملڪ کي اها عظيم ڪاميابي ملي آهي. صدر شاندار پريڊ منعقد ڪرڻ تي پريڊ ڪمانڊر برگيڊيئر خرم سرفراز ۽ پريڊ ۾ شرڪت ڪندڙ سمورن جوانن کي به مبارڪباد پيش ڪئي. هن چيو ته مون کي يقين آهي ته منهنجي انهن نوجوانن جي چهرن تي موجود عزم ۽ همت جي روشني جي چمڪ سان دشمن جون اکيون چٿجي وينديون ۽ پاڪستان جو سائو هلالي جهنڊو سربلند رهندو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسان سڀني کي پنهنجي حفاظت ۾ رکي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *