اسلام آباد ۾ ڌرڻو حڪومت جي ڪمزوري ۽ عملداري ختم ٿيڻ جي نشاندهي قرار، ڊار استعيفا ڏئي: خورشيد شاهه

سکر (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه وفاقي ناڻِي واري وزير اسحاق ڊار  کان استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته کيس اخلاقي ۽ سياسي جرئت جو مظاهرو ڪندي جلدي استعيفيٰ ڏيڻ گھرجي، ميان صاحب غير آئيني رستو نه وٺي وڌيڪ ڦاسي ويندو، رفرنڊم جو مطالبو غير آئيني آهي. ڌرڻون حڪومتي ڪمزوري ۽ رٽ ختم ٿيڻ جي نشاني آهي حڪومت کي جيڪڏهن ايڪشن ناهي وٺڻون ته حڪومت ڇڏي ڏيڻ گھرجي، ڌرڻي سان ماڻهون سخت پريشان آهن جنهن تي افسوس آهي، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پ پ جي حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪيو، سومر تي سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائندي سيد  خور شيد شاهه چيو ته افسوس جھڙي ڳالهه آهي  ڪجھه ماڻهن اسلام آباد کي بند ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب عام شهري پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن، اسلام آباد ۾ ويهه لک ماڻهون رهن ٿا ۽ هتي سڄي دنيا جا ماڻهون اچن وڃن ٿا، حڪومت جيڪڏهن مظاهرو ڪندڙن جي خلاف ايڪشن نه ٿي کڻڻ چاهي  ته حڪومت ڇڏي ڏيڻ گھرجي هن چيو ته وقت کان اڳ اليڪشن جو مطالبو غير ضروري آهي ، عمران خان ريفرنڊم جو حامي رهيو آهي  جيڪڏهن نوازشريف ان جي ڳالهه ڪئي آهي ته  هو خود غير آئيني رستي تي هلي رهيو آهي جنهن سان هو وڌيڪ ڦاسي ويندو. عمران خان تي تنقيد ڪندي مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته ڪي پي ڪي ڏسو ته سندس ڪارڪردگي ڇا آهي عمران خان جي حڪومت ۾ هڪ عورت کي انصاف نه پيو ملي، عمران خان کي پوليس کي غير سياسي ڪرڻ جو پول کلي ويو آهي داوڙ ڪنڊيءَ ڪا غلط  ڳالهه نه ڪئي آهي هن چيو ته وقت کان اڳ اليڪشن ٿيڻ يا نه ٿيڻ جو خواب منظور وساڻ ڏٺو آهي ۽ اهو ئي ان جي تعبير ٻڌائي سگھي ٿو، هر اليڪشن ۾ الائينس ٺهي ٿو پوءِ ٽٽي وڃي ٿو، پ پ ڪارڪردگي جي بنياد تي اڳيان وڌندي، خور شيد شاهه چيو ته اسان ملڪ ۾ صاف سٿري سياست ڪرڻ ڇاهيون ٿا ۽ ڪنهن جي معاملي ۾ مداخلت جا نتيجا سٺا ناهن هوندا، خور شيد شاهه چيو ته رياست  ۾ رياست ۽ ادارن ۾ ادارن هجڻ گھرجن، حڪومت جي رٽ ڪٿي به نظر نه ٿي اچي بنيادي مسئلن جو حل عوام جو حَق آهي. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پ پ جي حڪومت پنج سال مدو پورو ڪيو ۽ پهريون ڀيرو ملڪ خاص طور تي سنڌ  کي ترقي وٺرائي هاڻي به ڪوشش آهي ۽ چاهيون ٿا ته موجوده حڪومت به پنهنجو آئيني مدو پورو ڪري. مطالبا ڪرڻ سياسي جماعت جو حق آهي.  هڪ سوال تي خور شيد شاهه چيو ته اهو چوڻ درست ناهي ته پرويز مشرف کي عدالتن ٻاهر وڃڻ ڏنو نوازشريف پاڻ پرويز مشرف کي ٻاهر وڃڻ جي  اجازت ڏني ۽ هو ان حوالي سان پنهنجي اڳوڻي گھرو وزير کان سوال ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *