اسلام آباد ۾ ويٺل حڪومت ڪجهه مهينن جي مهمان آهي: بلاول ڀٽو زرداري

کرمنگ (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسلام آباد ۾ ويٺل حڪومت ڪجهه مهينن جي مهمان آهي. گلگت بلتستان جي علائقي کرمنگ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان سڀني جو مطالبو آهي ته اسان کي جمهوري حق ملن، ملڪ جي جمهوري جدوجهد ۾ کرمنگ جي نوجوانن جو رت به شامل آهي، پ پ انساني حقن جي جدوجهد تي يقين رکي ٿي، اسان گلگت بلتستان جي عوام جي آئيني حقن جي جدوجهد ڪري رهيا آهيون، پ پ گلگت بلتستان کي ان جي سڃاڻپ ڏياري ۽ ايف سي آر جو خاتمو ڪيو، هتان جي عوام کي ووٽ ڏيڻ جو اختيار ڏياريو. هن چيو ته اهي رڳو چونڊون نه گلگت بلتستان جو مستقبل آهي، تحريڪ انصاف ننڍي جماعت آهي، ان جو هر واعدو ڪوڙو نڪتو، عوام کي پي ٽي آءِ جي تبديلي نه تباهي کان بچائڻو آهي، نٿو چاهيان ته گلگت بلتستان جي عوام جو مستقبل تباهه ٿئي. سندس چوڻ هو ته وفاقي حڪومت خيبر پختونخواهه ۽ پنجاب ۾ پگهارون نه وڌايون پر معاشي بحران باوجود سنڌ حڪومت پينشن ۽ پگهارن ۾ واڌ ڪئي، اسان کي معاشي بحران، مهانگائي ۽ غربت جي خاتمي لاءِ عوامي حل گهرجي، پيپلز پارٽي پنهنجي دور ۾ مهانگائي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جهڙو انقلابي منصوبو شروع ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسلام آباد ۾ ويٺل حڪومت ڪجهه مهينن جي مهمان آهي، اميد ڪيان ٿو ته گلگت بلتستان جو عوام چونڊن ۾ صحيح فيصلو ڪندو، پ پ ئي اڪيلي جماعت آهي، جيڪا توهان جا مسئلا حل ڪري سگهي ٿي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *