اسلام آباد ڪو سومناٿ جو مندر ناهي جنهن تي حملي جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن : آصف زرداري

لاهور(م.ڊ) پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ڪو سومناٿ جو مندر ناهي جنهن تي حملي جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن اتي هڪ جمهوريت پارليامينٽ آهي جنهن ۾ فيصلا ٿين ٿا، لاهور ۾ پيپلز پارٽي جي يوم تاسيس جي موقعي تي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي آصف زرداري چيو ته اسان کي ملڪ بڻائڻو آهي ۽ ايندڙ نسلن لاءِ ڪم ڪرڻو آهي ان لاءِ اسان ملڪ بند نٿا ڪري سگهون ۽ اسلام آباد ڪو سومناٿ مندر ناهي جنهن تي حملي جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن اتي هڪ جمهوريت پارليامينٽ آهي جتي فيصلا ٿين ٿا پارليامينٽ ۽ اسان جي جمهوري نظام ۾ خاميون ضرور آهن جيڪي دنيا جي سٺي مان سٺي جمهوريت ۾ به هونديون آهن هن جو چوڻ هو ته قومن تي مشڪلاتون اينديون آهن ته ليڊرشپ جو ڪم آهي ته هو اهڙن موقعن تي صحيح فيصلو ڪري اسان جمهوريت جي بقاءَ رکي ۽ان جي باوجود سسٽم کي ٽوڙڻ نه ڏنو جيتوڻيڪ اسان کي به ان سان شڪايتون آهن پر اسان کي پنهنجين شڪايتن کي گڏ رکي اڳتي هلڻو آهي ۽ جمهوريت ۾ اهڙيون روايتون قائم رکڻيون آهن، اڳوڻي صدر جو چوڻ هو ته اسان ڪردار ۽ برداشت سان ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ٻين ماڻهن کي سياست ۾ گهڻو ڪجهه سکڻ جي ضرورت آهي ايندڙ نسلن سان ملڪ بڻائڻ جو واعدو ڪيو آهي ان لاءِ ڪوبه غلط فيصلو نه ٿا ڪري سگهون ڇو ته عوام جو اسان تي وڏو وزن ۽ شهيدن جو قرض آهي هن چيو ته سڀ کان پهريان گو بابا گو جو نعرو اسان لڳايو عمران خان 20 سالن کانپوءِ گو جو نعرو شروع ڪيو جڏهن ته اسان کي صرف گو گو ناهي ڪرڻو سياست به ڪرڻي آهي، اسان جي دل ۾ اڄ به سقوط ڍاڪا جو درد آهي پر عمران خان جي سوچ سياسي ناهي ان لاءِ ان کي هي تاريخون ياد ناهن رهنديون سياست ۾ گهڻيون شيون ڏسي قدم کڻڻ پوندو آهي، آصف زرداري چيو ته پارٽي جا سمورا ورڪر ڌڙا بڻائڻ وارن سان نه پر مون سان گڏ آهن پارٽي جون ٽڪيٽون مون کي ڏيڻيون آهن ته پوءِ اهي ڇو پاڻ ۾ وڙهي رهي آهن مون پارٽي جي انهن ليڊرن کي اعليٰ مقام ڏنو جيڪي ڪنڊ ۾ پيل هئا پر هو پوءِ به گروپ بڻائڻ چاهين اٿ ۽ جيڪڏهن ڪو پارٽي ۾ رهي خدمت نٿو ڪري سگهي ته امپائر جي آڱر کڄڻ جو انتظار ڪرڻ وارن وٽ وڃي اسان کي ان جي ڪابه ضرورت ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *