اسلام آباد پوليس جو ڪارنامو اڳوڻي سي آءِ اي اسٽيشن جي سربراهه تي ڪيس داخل، ٿوري دير بعد ختم

اسلام آباد (بيورو) وفاقي پوليس عدالت جي حڪم تي اڳوڻي سي آءِ اي اسٽيشن اڳواڻ جوناٿن بينڪس خلاف ڪيس داخل ڪري ڪجهه دير بعد ختم به ڪري ڇڏيو.عدالتي حڪم تي اسلام آباد جي  سيڪريٽريٽ ٿاڻي تي اڳوڻي سي آءِ اي اسٽيشن جي اڳواڻ تي مير علي جي  هڪ اسڪول تي ڊرون حملي ۾ مري ويلن جي وارثن جي درخواست تي ڪيس داخل ڪيو. ڪيس داخل ڪري وري ختم ڪري پوليس اهو چيو ته لاڳاپيل ٿاڻو ڊرون حملي واري هنڌ جي  حد ۾ نه ٿو اچي تنهن ڪري ڪيس رد ڪري ڇڏيوآهي . آءِ جي پوليس سي آءِ اي چيف جوناٿن بينڪس خلاف داخل ڪيل ڪيس جي ڪاپي عدالت ۾ پيش ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *