اسلام آباد پوليس ججز نظربندي ڪيس ۾ پرويز مشرف جي گرفتاري لاءِ خاص ٽيم جوڙي ڇڏي

اسلا آباد(بيورو) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران ججز نظربندي ڪيس ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جا جاري ڪيل وارنٽ سيڪريٽريٽ ٿاڻي کي ملي ويا ، جنهن کانپوءِ سندس گرفتاري لاءِ خاص ٽيم جوڙي وئي آهي. عدالتي حڪم تي جاري ڪيل گرفتاري وارنٽن ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته اڳوڻي صدر کي گرفتار ڪري پهرين آڪٽوبر تي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. واضح رهي ته گذريل ٻڌڻي تي پرويز مشرف جي وڪيل عدالت ۾ سندس غيرحاضري بابت درخواست ڏيندي ٻڌايو هو ته هو بيمار آهي،ان ڪري پيش نه ٿو ٿي سگهي، پر عدالت ان درخواست سان گڏ ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ نه هجڻ ڪري پرويز مشرف جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا. عدالتي حڪمن تي عمل لاءِ پوليس ايس ايڇ او فياض شنواري جي سربراهي ۾ خاص ٽيم جوڙي ڇڏي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *