اسلام آباد پوليس احتجاج ڪندڙ سرڪاري ملازمن ۽ هيلٿ ورڪرز تي ڪڙڪي پئي، چوڪ جنگ جو ميدان بڻجي ويو

اسلام آباد (م.ڊ)اسلام آباد پوليس مطالبن جي مڃتاء لاءِ احتجاج ڪندڙ سرڪاري ملازمن ۽ هيلٿ ورڪرز تي ڪڙڪي پئي، مڇريل ماڻهن ۽ اهلڪارن ۾ چڪرين دوران سيڪريٽريٽ چوڪ جنگ جو ميدان بڻجي ويو، مظاهرين کي ڇڙوِڇڙ ڪرڻ لاءِ شيلنگ ۽ مڇريل ماڻهن طرفان اهلڪارن تي پٿراءُ، پوليس 10 کان وڌيڪ ملازمن کي گرفتار ڪري ورتو، احتجاج ڪندڙ ملازمن اسلام آباد سيڪريٽريٽ ۽ وزيراعظم هائوس ڏانهن ويندڙ رستا بند ڪري ڇڏيا، ملازمن جي احتجاج سبب سيڪريٽريٽ اندر قائم مختلف وزارتن ۽ ڊويزنس ۾ سرڪاري وهنوار ٺَپ، ڇڪتاڻ واري صورتحال کانپوءِ پوليس جي اضافي نفري، واٽر ڪينن ۽ اي پي سيز گهرايون ويون، ايف ايٽ واري علائقي ۾ پوليس ۽ رينجرز مقرر، ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ احتجاج ڪندڙ وڌيڪ ملازمن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *