اسلام آباد هاءِ ڪورٽ” بجرنگي ڀائيجان“پاڪستاني سينيمائن ۾ رليز ڪرڻ خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد: (شوبز نيوز) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بالي ووڊ فلم” بجرنگي ڀائيجان“ جي پاڪستاني سينيما گهرن ۾ رليز خلاف داخل ڪيل درخواست رد ڪري ڇڏي. الائنس فار ويلفيئر سوسائٽي فار ڊولپمينٽ ايڊووڪيسي پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي جسٽس عمر فاروق ڪئي. پٽيشنر جي وڪيل بيرسٽر مسرور شاهه عدالت آڏو پيش ٿي موقف اختيار ڪيو ته بجرنگي ڀائيجان ۾ پاڪستان خلاف تمام گهڻو اعتراض جوڳو مواد شامل آهي.درخواست ۾ سينٽر بورڊ فار فلم سينسر ۽ فيڊريشن آف پاڪستان کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾  اهو به چيو ويو ته فلم  جي ڪهاڻي هڪ هندستاني شخص پون چتر ويدي عرف بجرنگي ڀائيجان جي چوڌاري گهمي ٿي، جيڪو بنا سفري دستاويزن جي پاڪستان ۾ داخل ٿئي ٿو، پٽيشنر مطابق فلم جو ڪردار بهادري سان اسان جي سرحدن جي حفاظت لاءِ چوڪس هٿياربند فوج کي دوکو ڏيڻ سان گڏوگڏ اسان جي پوليس جو مذاق اڏائڻ توڙي پاڪستاني پهلوانن کي مات ڏئي رستم پاڪستان جو اعزاز حاصل ڪرڻ به آهي. ٻڌڻي کانپوءِ عدالت واضح ڪيو ته درخواست ٻڌڻي جوڳي ناهي، ڇو ته پٽيشنر کي ان معاملي ۾ ڳالهائڻ جو ڪو حق ناهي. عدالت جو چوڻ هو ته پٽيشنر پنهنجي درخواست سان گڏ لاڳاپيل دستاويز به پيش ناهن ڪيا، ان ڪري اها رد ڪئي وڃي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *