اسلام آباد مان غيراخلاقي سرگرمين ۾ ملوث پرڏيهي عورتن سوڌو 38 ملڪي عورتون ۽ سهولتڪار گرفتار

اسلام آباد(بيورو)وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان جي هدايت تي وفاقي گادي واري شهر جي پوليس غير اخلاقي سرگرمين ۾ ملوث پرڏيهيعورتن ۽ انهن جي سهولتڪارن سوڌو 45 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ذريعن مطابق وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان جي هدايت تي اسلام آباد پوليس ۽ خاص جاچ ڪندڙ ٽيم سوڌو 100 ڪمانڊرز ايس پي ايس آئي يو ڪيپٽن الياس جي اڳواڻي ۾ غير اخلاقي سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي. پوليس ڪارروائي دوران غير اخلاقي سرگرمين ۾ ملوث 20 پرڏيهي عورتن سوڌو انهن جي 3 سهولتڪارن ۽ 4 ڇوڪرن کي گرفتار ڪيو آهي.گرفتار پرڏيهي عورتن جو تعلق چين، آزربائيجان، ازبڪستان،نائيجيريا ۽ ترڪمانستان سان آهي، جڏهن ته گرفتار ٿيندڙن ۾ مشهور ۽ بدنام ٻيون عورتون به شامل آهن، جيڪي گذريل 20 سالن کان انهن غير اخلاقي سرگرمين ۾ ملوث هيون.غيراخلاقي سرگرمين ۾ ملوث عورتن جي سرپرستي ڪرڻ ۾ وفاقي پوليس جا 3 حاضر سروس آفيسر شامل هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ان حوالي سان پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته وقعي جي جاچ هلي رهي آهي، جيڪڏهن پوليس آفيسر ان ۾ ملوث هجڻ جا ثبوت مليا ته انهن جي خلاف به قانون مطابق ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *