اسلام آباد جي هڪ رانديگر جي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچي وئي، ميچ ملتوي

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) اسلام آباد يونائيٽيڊ جي هڪ رانديگر جي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچڻ سبب اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي ميچ هڪ ڪلاڪ لاءِ ملتوي ٿي وئي آهي.پاڪستان سپر ليگ ۾ اڄ اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز ۾ مقابلو ٿيڻو آهي پر اسلام آباد جي هڪ رانديگر جي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ٽيمن جي ٻيهر ٽيسٽنگ ٿي رهي آهي، هوٽل ۾ ٽيم جي رانديگرن جي ريپڊ ڪورونا ٽيسٽنگ ڪئي پئي وڃي.ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ اها ميچ شام 7 وڳي شروع ٿيڻي هئي، جيڪا هاڻ 8 وڳي شروع ٿيندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اسلام آباد جي جنهن رانديگر جي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري آئي آهي، اهو پرڏيهي آهي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *