اسلام آباد انتظاميا تحريڪ انصاف کي جلسي جي اجازت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (م.ڊ) وفاقي گادي واري هنڌ جي انتظاميا پاڪستان تحريڪ انصاف کي اسلام آباد ۾ جلسي ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي ۽ ان ڏس ۾ ضلعي انتظاميا ۽ تحريڪ انصاف ۾ معاهدو طئي ٿي ويو، معاهدي تحت 0 3 نومبر جو جلسو ڌرڻي واري هنڌ ٿيندو، پوليس کي ضلعي انتظاميا جي اجازت بغير ڪنهن ڪارڪن کي گرفتار ڪرڻ جي اجازت نه هوندي، ريڊ زون جي آس پاس ڪنٽينر لڳايا ويندا، اسلام آباد جي ٻين شاهراهن کي بلاڪ نه ڪيو ويندو، 0 3 نومبر واري جلسي لاءِ ٽريفڪ پلان ترتيب ڏنو ويو، جلسيگاهه اندر پاڪستان انصاف جا ڪارڪن ۽ پوليس گڏجي سيڪيورٽي جون خدمتون انجام ڏيندا، جلسي ٻاهران سيڪيورٽي جي ذميداري پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي هوندي، انتظاميا طرفان ان ڏس ۾ پنهنجو تحريري بيان اسلام آباد ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو ويو. ٻئي پاسي اسلام آباد جي ضلعي انتظاميا ۽ پوليس جو چوڻ آهي ته هنن تحريڪ انصاف جي جلسي لاءِ فول پروف حفاظتي قدم مڪمل ڪري ڇڏيا آهن. ضلعي انتظاميا موجب معاهدي تحت ڪوبه ڪارڪن پاڻ سان هٿيار کڻي نه ايندو ۽ نه ئي ڪو ڪارڪن ڪنهن به رياستي عمارت يعني پارليامينٽ هائوس، ڪيبنٽ بلاڪ يا سرڪاري ٽيليويزن جي عمارت ۾ داخل ٿيندو. ياد رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن اسلام آباد ۾ جلسي جي اجازت ڏيڻ ۽ ڪارڪنن کي هراسان ڪرڻ متعلق اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست ڏني هئي پرپوءِ عدالت کين گذريل ٻڌڻي دوران جلسي جي اجازت متعلق ضلعي انتظاميا سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي. ٻئي پالي راولپنڊي پوليس مختلف علائقن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جي گهرن ۾ ڇاپا هڻي 0 0 1 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو آهي، گرفتار ٿيل ماڻهو پنهنجي پارٽي ۾ متحرڪ هئا. پاڪستان تحريڪ انصاف جي مقامي قيادت انهن گرفتارين جي مذمت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته اهي پوليس جي ان قدم کي اعليٰ عدالتن ۾ چئلينج ڪندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *