اسلامو فوبيا سبب دنيا کي اسلام جي حقيقت کان پري ڪيو پيو وڃي: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دنيا کي اسلامو فوبيا سبب اسلام جي حقيقت کان پري رکيو پيو وڃي. تاجڪستان جي صدر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته امام علي رحمان کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار چوان ٿو، ٻنهي ملڪن ۾ واپار وڏي اهميت رکي ٿو، واپار جي شعبي ۾ ٻنهي ملڪن ۾ رابطا مضبوط ٿيندا. هن چيو ته تاجڪ صدر سان تعليم ۽ دفاع جي شعبي ۾ به معاهدا ڪيا آهن، ٻئي ملڪ ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيا آهن، افغانستان ۾ سياسي عدم استحڪام سان پاڪستان ۽ تاجڪستان متاثر ٿيا آهن، ٻنهي ملڪن لاءِ پرامن افغانستان ضروري آهي، چاهيون ٿا افغانستان ۾ اهڙي حڪومت هجي، جيڪا ڏڦيڙ روڪي سگهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته جيستائين ڀارت 5 آگسٽ جا قدم واپس نٿو وٺي حالتون بهتر نه ٿينديون، اهڙي صورتحال ۾ ڀارت سان واپار ڪرڻ ڪشميرين سان غداري هوندي، پاڪستان پنهنجي اسٽريٽيجڪ پوزيشن جي لحاظ سان اهڙي جاءِ تي آهي جو سڄي خطي کي جوڙي سگهي ٿو پر ان جو دارومدار ڀارت تي آهي، جيستائين اهو پوئتي نٿو هڻي سڀ ڪجهه اتي جو اتي ئي رهندو. وزيراعظم چيو ته اسلام کي دهشتگردي سان جوڙيو ويندو آهي، اسلامو فوبيا سبب دنيا کي اسلام جي حقيقت کان پري ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي تاجڪ صدر امام علي رحمان چيو ته اسان پاڪستان سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، خطي ۾ امن امان لاءِ پاڪستان جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، پاڪستان سان تعليم، دفاع سميت ٻين شعبن ۾ سهڪار جاري رکنداسين. هن وزيراعظم عمران خان کي تاجڪستان جي دوري جي دعوت ڏيندي چيو ته اسلامو فوبيا خلاف عالمي سطح تي آواز اٿارينداسين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *