اسرائيلي فوج به فلسطيني ٻارن تي ڪڏهن ايترو ظلم ناهي ڪيو، جيترو گذريل ڏهاڙي طالبان ڪيو: خورشيد شاهه

پشاور(م.ڊ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته اسرائيلي فوج به فلسطيني ٻارن تي ڪڏهن ايترو ظلم ناهي ڪيو، جيترو گذريل ڏهاڙي طالبان ڪيو. پشاور ۾ پارلياماني پارٽين جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته دهشتگردن معصوم ٻارڙن کي رت سان وهنجاري ڇڏيو، جنهن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي. اپوزيشن ليڊر چيو ته تاريخ ۾ اهڙو ڏکوئيندڙ واقعو ڪڏهن به ناهي ٿيو، سڄي قوم سوڳ ۾ ورتو آهي. خورشيد شاهه چيو ته اسرائيل فلسطيني ٻارن تي ڪڏهن ايترو ظلم ناهي ڪيو، جيترو طالبان ڪالهه پشاور ۾ ڪيو. مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته سمورين پارلياماني پارٽين وزيراعظم کي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *