اسد عمر کنڊ تي ٽيڪس جي مخالفت ڪري ڇڏي، ڀاڻ تي 400 روپيا گهٽائڻ جو طالبو

اسلام آباد (اين اين آءِ) اڳوڻي خزاني واري وزير ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر واهپي واري شين جي قيمتن تي لڳل ٽيڪس واپس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته بجيٽ ۾ پينشن 10 کان 15 سيڪڙو جو وڌيڪ اضافو ڪيو وڃي (ن) ليگ جي حڪومت معيشت جي مهلڪ بيماري ڇڏي ويئي هئي حڪومتي ڪوششن سان ٿورن مهينن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 70 سيڪڙو گهٽتائي ٿي برآمد وڌائڻ تائين بين الاقوامي قوتن تي ڌارومدار ختم ٿي ويندو نئين سيڙپڪاري آڻڻ وارن کي 5 سالن لاءِ ٽيڪس کان رعايت ڏيڻ گهرجي مزدورن جي لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي جيڪڏهن پڪڙ سياسي انتقام جي لاءِ ٿي رهي آهي ته ملڪ جي لاءِ سٺو نه آهي جيڪڏهن ڪو ڏوهه ٿيو آهي ۽ ڪنهن قوم جي دولت لٽي آهي ته ان جي لاءِ سزا جو نظام ٺاهڻ آئيني حق آهي. خميس ڏينهن تي قومي اسيمبلي جي بجيٽ سيشن ۾ ڳالهائيندي اسد عمر اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي جواب ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن پڪڙ سياسي انتقام لاءِ ٿي رهي آهي ته ملڪ جي لاءِ سٺو نه آهي جيڪڏهن سزا ۽ جزا جو نظام الله جو آهي ۽ ناچيز ماڻهن جو ان سان تعلق نه آهي جمهوريت قانون جي حڪمراني هوندي آهي هن چيو ته جيڪڏهن جرم ٿيو آهي ۽ ڪنهن قوم جي دولت لٽي اهي ته ان جي لاءِ جزا ۽ سزا جو نظام بنائڻ آئيني حق آهي. هن چيو ته اڳوڻي دور ۾ هڪٻئي کي منهن نه کوليو ۽ مون کي خبر آهي ته ڪهڙي چوري ٿي آهي اڄ ٻنهي جمهوريتن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن هن چيو ته حڪومت وڏي ڏکي بجيٽ پيش ڪئي آهي. بجيٽ ٺاهڻ وارن کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو هن چيو ته ڏکئي وقت ۾ سفيد پوش طبقي تي ڪم جو بوجهه وجهڻو آهي ۽ ٻاهر کان ايندڙ آمدني کي وڌائڻو آهي. هن چيو ته جيستائين ايڪسپورٽ نه وڌائينداسين تيستائين ٻاهريان مالياتي ادارن جي ڌارومدار کي ختم نٿو ڪري سگهجي هن چيو ته هي نظام اهڙو نه آهي جو بٽڻ هڻي مسئلو حل ڪجي. هن چيو ته معيشت ۾ ڪيترائي مسئلا آهن جيڪي سالن کان هلندا پيا اچن. هن چيو ته فوري طور تي جي آءِ ڊي سي ختم ڪري يوريا جي ٻوري تي 400 رپيا ختم ڪري ان تي کنڊ تي ٽيڪس وڌائي وئي آهي ۽ ان تي ورڪنگ ڪرڻ گهرجي. کنڊ تي ٽيڪس مناسب نه آهي ان کي واپس وٺڻ گهرجي. کنڊ واهپي واريون شيون تيل ۽ گيهه تي لڳل ٽيڪس واپس وٺڻ گهرجي مزدورن جي لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي هن چيو ته اپوزيشن چوندي هئي ته هي ڪنفيوز آهن. آءِ ايم ايف سان معاهدو ڇو نٿا ڪن هن چيو ته جڏهن معاهدو ٿيو ته چيو ويو ته ملڪ آءِ ايم ايف جي حوالي ڪيو ويو هن چيو ته آءِ ايم ايف سان پنجن شين تي ڳالهه ٻولهه ٿي. بجلي جي قيمت، ايڪسچيج ريٽ شرح وياج ۽ ٽيڪس 2 جي ڊي پي تي ڳالهه ٻولهه ٿي هن چيو ته جنهن جي اربين رپين جي ملڪيت ٻاهر آهي اهي ملڪ جي لاءِ ڇا سوچيندا هن چيو ته جيڪي وڏيون تقريرون ڪن ٿا انهن کي شرم اچڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *