اسحاق ڊار ٻڌائي ته حڪومت ڌانڌلين بابت عدالتي ڪميشن جوڙڻ کان ڇو ڊڄي رهي آهي: شرين مزاري

اسلام آباد (بيورو) پي ٽي آءِ ترجمان شيرين مزاري چيو آهي ته اسحاق ڊار ٻڌائي ته حڪومت، ڌانڌلين بابت عدالتي ڪميشن جوڙڻ کان ڇو ڊڄي رهي آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ ترجمان شيرين مزاري چيو ته اسحاق ڊار الزامن واري سياست بند ڪري. هن چيو ته جوڊيشل ڪميشن جي حوالي سان پي ٽي آءِ جو موقف ساڳيو آهي،پي ٽي آءِ پاران جاري ڪيل مسودي سڀ تفصيل موجود آهن. تحريڪ انصاف جي ترجمان شيرين مزاري جو وڌيڪ چوڻ هو ته هو پهرين ڏينهن کان ئي آزاد عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *