اسحاق ڊار جي دولت ۾ 16 سالن دوران 91 سيڪڙو اضافي جو انڪشاف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار خلاف نيب ريفرنس جي ٻڌڻي آخري مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي ۽ وڌيڪ شاهدن پنهنجا بيان قلمبند ڪري ڇڏيا آهن. آمدني کان وڌيڪ غير قانوني اثاثا ٺاهڻ جي ريفرنس ۾ اسحاق ڊار خلاف شاهدي ڏيڻ جو عمل آخري مرحلن ۾ داخل ٿي ويو آهي. نيب طرفان جمع ڪرايل 28 شاهدن جي لسٽ ۾ 18 جو بيان قلمبند ٿي چڪو آهي جڏهن ته عدالت 8 شاهدن کي بيان قلمبند ڪرائڻ لاءِ طلب ڪيو آهي. اڄ 26 شاهدن جا بيان قلمبند ٿي ويندا ۽ باقي 2 شاهد رهجي ويندا جنهن ۾ نيب جو جاچ آفيسر ۽ پاناما ڪيس جي آءِ جي ٽي جو سربراهه واجد ضياءَ شامل آهي.  اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ بابت نيب جي ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ۾ فريادي ڌر جا 3 شاهد پيش ٿيا جن جا بيان قلمبند ڪيا ويا. شاهدن ۾ اقبال احسن، عمر دراز گوندل ۽ نيب جو آفيسر شڪيل انجم ناگرا شامل آهن. شڪيل انجم ٻڌايو ته جي آءِ ٽي جي رپورٽ حاصل ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ کي 10 ۽ 15 آگسٽ تي خط لکيا. هن سپريم ڪورٽ کي لکيل خطن جون ڪاپيون عدالت ۾ پيش ڪيون ته جج سوال ڪيو ته ڇا خطن جون اصل ڪاپيون توهان وٽ موجود آهن، شاهد شڪيل انجم چيو ته جي نه اصل سپريم ڪورٽ ۾ آهن، سپريم ڪورٽ واليم هڪ کان 9 تائين 3 ڪاپيون جڏهن ته واليم 10 جون چار ڪاپيون ڏنيون. فريادي ڌر جي ٻي شاهد اقبال حسن ٻڌايو ته ايڪسپرٽ ظفر اقبال جو بيان منهنجي موجودگيءَ ۾ قلمبند ڪيو ويو.  هن چيو ته جاچ آفيسر جي هدايت تي طلبي جو نوٽيس کڻي اسحاق ڊار جي گلبرڪ واري رهائشگاهه تي پهتس ته تي موجود پوليس ڪانسٽيبل ٻڌايو ته اسحاق ڊار اسلام آباد ۾ ترسيل آهي، ڪڏهن ڪڏهن هتي ايندو آهي، عمل نه ٿيڻ تي نوٽيس جاچ آفيسر حوالي ڪري ڇڏيا. ايف بي آر جي ڪمشنر ان لينڊ روينيو اشتياق احمد عدالت ۾ پنهنجو بيان قلمبند ڪندي چيو ته 1993ع کان 2009ع دوران اسحاق ڊار جي دولت ۾ 91 سيڪڙو ضافو ٿيو. هن چيو ته انڪم ٽيڪس جي گوشوارن موجب جون 1993ع ۾ اسحاق ڊار جي آمدني 7 لک 29 هزار کان وڌيڪ هئي جڏهن ته 2009ع ۾ سندس آمدني وڌي 4 ڪروڙ 64 لک 62 کان وڌيڪ ٿي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *