اسحاق ڊار جي خورشيد شاهه سان رٿيل ملاقات ملتوي، فون تي رابطو، پاناماليڪس ڪميشن بابت مشاورت

اسلام آباد(بيورو) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي پاناماليڪس ڪميشن جي حوالي سان مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه سان اڄ رٿيل ملاقات روڪي وئي، جنهن کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن ٽيليفون تي رابطو ڪري صلاح مشورا ڪيا، ذريعن مطابق خورشيد شاهه سوڌو پ پ اڳواڻن سان اسحاق ڊارجي اڄ رٿيل ملاقات سينيٽ ۾ پيپلز پارٽي سان لاڳاپيل مخالف ڌر جي اڳواڻ سينيٽر اعتزاز احسن جي غير حاضري سبب روڪي وئي، جنهن کانپوءِ اسحاق ڊار مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشِد شاهه سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو،ذريعن مطابق ٻنهي اڳواڻن ۾ ٽيليفون تي رابطي دوران پاناماليڪس جي جاچ جي حوالي سان ڪميشن بابت صلاح مشورا ڪيا ويا، فون تي رابطي دوران ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه وفاقي وزير کي ڪميشن بابت مخالف ڌر جي موقف بابت ٻڌايو، خورشِيد شاهه جو چوڻ هو ته پاناماليڪس بابت جڙندڙ جاچ ڪميشن جي ٽي آر اوز جو بنياد فرانزڪ آڊيٽر هجڻ گهرجي، هن چيو ته حڪومت جاچ ڪميشن جوڙڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي خط لکي، جيڪڏهن چيف جسٽس انڪار ڪري ته پوءِ پارليامينٽ جي جاچ ڪاميٽي جوڙي وڃي، خورشيِد شاهه، اسحاق ڊارکي چيو ته هو ڄاڻايل معاملي تي مخالف ڌر جو موقف حڪومت تائين پهچائي، جنهن کانپوءِ کين جواب ڏنو وڃي.001

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *