اسحاق ڊار ايم ڪيو ايم اڳواڻن کي اڄ وزيراعظم سان ملاقات ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد(بيورو) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي يو آئي سربراهه مولانا فضل الرحمان کي پڪ ڏياري آهي ته حڪومت ڪراچي آپريشن بابت ايم ڪيو ايم جون جائز شڪايتون ختم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.اسحاق ڊار ٽيلي فون تي مولانا فضل الرحمان سان رابطو ڪيو جنهن دوران ايم ڪيو ايم جي استعيفائن کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ان موقعي تي مولانا فضل الرحمان وفاقي وزير کي ايم ڪيو ايم سان ٿيل ڳالهه ٻولهه بابت ٻڌايو ۽ وزيراعظم نوازشريف سان متحده اڳواڻن جي ملاقات لاءِ سڀاڻي لاءِ ئي وقت گهري ورتو.ذريعن مطابق  ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران اسحاق ڊار وزيراعظم سان ايم ڪيو ايم وفد کي ملرائڻ تي راضپو ظاهر ڪندي چيو ته حڪومت استعيفائن وارو معاملو ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ چاهي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *