استعيفيٰ ڏيڻ جو سوچي به نٿو سگهان، آخري وقت تائين وڙهندس: نواز شريف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته فوج سان گڏجي آپريشن جو فيصلو ۽ دهشتگردي جي چيلهه ٽوڙي جڏهن ته اسان جي ڪنهن به دور ۾ ڪرپشن سميت گهوٻين جو ڪو به ڪيس آهي ته ٻڌايو وڃي. وزير اعظم نواز شريف پارلياماني پارٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ هڪ به لفظ اهڙو ناهي ته نواز شريف ڪنهن ڪرپشن ۾ ملوث هو، رڳو هندڙ نه پر هر دور جي ڳالهه ڪندو آهيان مون تي ڪڏهن به ڪرپشن جو الزام ناهي لڳو، اسان جي ڪنهن به دور ۾ ڪرپشن سميت گهوٻين جو ڪيس آهي ته ٻڌايو وڃي جڏهن ته ڪو اي او بي آءِ، ننديپور، رينٽل پاور، نيشنل انشورنس جو ڪيس آهي ته سامهون آندو وڃي. نواز شريف جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ حڪومتون هميشه ڪرپشن ۽ سيڪيورٽي رسڪ تي ڪڍيون ويون، پاڪستان 70 سالن کان جيئن ريت هلي رهيو آهي اهو واقعو ان نمونو آهي. وزير اعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته فوج سان گڏجي آپريشن جو فيصلو ڪيو ۽ دهشتگردي جي چيلهه ٽوڙي جڏهن ته ملڪ کي روشن ڪرڻ جي سزا ڏني پئي وڃي، چار سالن ۾ موٽر وي، توانائي جي کربين رپين جا منصوبا لڳايا، پاڪستان ۾ ڪنهن سياستدان پنهنجي پاڻ کي ان طرح احتساب جي لاءِ پيش ناهي ڪيو، ڪڏهن به اصولن تي سوديبازي ناهي ڪئي، ڪو به اين آر او سائن ناهي ڪيو، مون کي چيو ويو ته ان ڪاغذ تي صحيح ڪيو، مون ڪڏهن به عوام جي مينڊيٽ ۽ جمهوريت تي ڪمپرومائز ناهي ڪيو، بينظير سان گڏ ميثاق جمهوريت تي صحيح ڪري ڏاڍو سٺو لڳو پر ان وقت ڏک ٿيو جڏهن ڪجهه هفتن کان پوءِ بينظير اين آر او تي صحيح ڪئي. منهنجي پرويز مشرف سان ملاقات جي لاءِ گهڻيون ڪوششون ڪيون ويون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *