استعيفائن بنا لانگ مارچ نھ ٿو ٺھي، پي ٽي آءِ جي ھي پھرين ۽ آخري حڪومت آھي: بلاول

ڪنڌڪوٽ (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملڪ ۾ بنا دير صاف ۽ شفاف اليڪشن ڪرائڻ جي گهر ڪندي چيو ته پاڪستان جي عوام تبديلي ڏسي چڪي آهي اسيمبلين مان استيعفائن کان سواءِ اپوزيشن اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو لانگ مارچ نٿو ٺهي جڏهن ته پي ڊي ايم لاءِ دعاگو آهيان اپوزيشن پهريان عثمان بزدار ۽ پوءِ وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ آڻي ته ڪامياب ٿي سگهن ٿا ميڊيا اٿارٽي کي رد ڪريون ٿا پ پ ميڊيا جي حق ۾ قومي اسيمبيلي ۽ سينيٽ ۾ آواز اٿاريندي. اڱاري تي ڪنڌڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شاندار استقبال تي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي عوام جو ٿورائتو آهيان. اسان مسلسل عوام سان ملڻ لاءِ نڪرون ٿا ۽ عوام جي ڀلي لاءِ ڪم ڪندا رهنداسين هن چيو ته پي ڊي ايم لانگ مارچ جو اعلان پهريان به ڪيو هو عين وقت تي چيو ويو ته استيعفائن کان سواءِ لانگ مارچ نٿو ٺهي اميد آهي ته هاڻي پي ڊي ايم وارا پهريان استيعفا ڏيندا پوءِ لانگ مارچ لاءِ نڪرندا. جڏهن ته پي ڊي ايم لاءِ دعاگو آهيان هن چيو ته اپوزيشن سنجيده آهي ته پهريان عثمان بزدار جي خلاف پوءِ عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ آڻي. بي اعتمادي رٿ آڻي ته جمهوريت بحال ٿي سگهي ٿي اسان جي پي ڊي ايم جا دوست ضمني ۽ سينيٽ اليڪشن ۾ حصو نه وٺڻ تي ضد تي هئا اپوزيشن ضمني ۽ سينيٽ اليڪشن ۾ حصو ورتي ۽ ڪاميابي ماڻي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هي تحريڪ انصاف جي پهرين ۽ آخري حڪومت آهي، عوام (ن) ليگ کان پوءِ عمران خان جي ڪارڪردگي به ڏسي ڇڏي، پاڪستان جي عوام تبديلي کي ڏسي چڪي آهي، ڌانڌلي واري نظام جو بار عوام مهانگائي جي شڪل ۾ برداشت ڪري رهيو آهي اسان مطالبو ڪري رهيا اهيون ته شفاف اليڪشن جلد ڪرائي وڃي. بلاول چيو ته پيپلزپارٽي عوامي خدمت تي يقين رکي ٿي ماڻهو هاڻي نوجوان قيادت چاهين ٿا ايندڙ ڪجهه عرصي ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيندا هنچيو ته حڪومت ميڊيا تي پابندين ۾ اضافو ڪري رهي آهي، آزاد صحافت تي حملو ڪري رهي آهي. پ پ چيئرمين چيو ته ميڊيا اٿارٽي کي رد ڪيون ٿا پيپلزپارٽي ميڊيا جي حق ۾ قومي اسيمبيل ۽ سينيٽ ۾ آواز اٿاريندي هن آزاد صحافت لاءِ عدالت ۾ وڃڻ جو اشاروڏنو ۽ چيو ته آزاد صحافت لاءِ عدالت ۾ وڃڻو پيو ته وينداسين. ان کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري هڪ ڏينهن جي دوري تي ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ پهتو ته قومي شاهران ڪرمپور بجاراڻي موڙ تي صوبائي وزير مير شبير علي خان بجاراڻي ۽ اڳوڻي ضلعي چيئرمين سردار مير محمود علي خان بجارڻي جي اڳواڻي ۾ ان جي شاندار آجيان ڪئي وئي. ان کان پوءِ بلاول ڀٽو زرداري هزارين جيالن سان گڏ قافلي جي شڪل ۾ دڙي سندراڻي ڳوٺ ۾ سنڌ اسيمبلي ميمبر چيف سردار مير عابد علي خان سندراڻي جي گهر سندس ڀاءُ مرحوم مير ماجد علي سندراڻي جي وفات تي تعزيت ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري جي گاڏي وڏو وزير مرادعلي شاهه هلائي رهيو هو. بلاول ڀٽو زرداري جي آمد تي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا 700پوليس اهلڪارن سيڪيورٽي جا فرض نڀايا ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪمانڊوز کي اسٽينڊ باءِ رکيو ويو هو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *