استاد نصرت فتح علي خان کي مداحن کان وڇڙي ۲۰ سال گذري ويا

ڪراچي(شوبز نيوز)سُرن جي شهنشاهه قوال استاد نصرت فتح علي خان کي مداحن کان وڇڙي ۲۰ سال گذري ويا، پر ان جي آواز جو جادو اڄ به ڇانيل آهي، ۱۹۴۸ع ۾ فيصل آباد جي ناليواري قوال فتح علي خان جي گهر ۾ پيدا ٿيندڙ نصرت فتح علي خان قوالي ۽ لوڪ موسيقي ۾ پنهنجي سڃاڻ پاڻ ٺاهي، نصرت فتح علي خان جو پهريون تعارف خاندان پاران ڳايل قوالي “”حق علي مولا علي“ ۽ ”دمادم مست قلندر“ سان ٿيندو هو، موسيقي ۾ نون سُرن جي ڪري هن جي شهرت پاڪستان کان نڪري پوري دنيا ۾ ڦهلجي وئي، بين الاقوامي سطح تي ان جا ڳايل گيت پسند ٿيڻ لڳا، هن جو شهڪار ۱۹۹۵ع ۾ رليز ٿيندڙ فلم ”ڊيڊ مين واڪنگ“ هو، جنهن کانپوءِ ان بالي ووڊ جي هڪ فلم ”دي لاسٽ ٽيمپٽيشن آف ڪرائسٽ“ به ۾ موسيقي ترتيب ڏني.نصرت فتح علي خان ۱۹۹۵ع ۾ يونيسڪو ميوزڪ ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو، جنهن کان پوءِ هن کي گريمي وارڊ به ڏنو ويو، ۲۰۰٦ع جي ايشين هيروز جي فهرست ۾ به ان جو نالو شامل هو، هو ۱٦ آگسٽ ۱۹۹۷ع تي اسان کان وڇڙي ويو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *