اسان 62،63 کي ختم ڪري ذوالفقار علي ڀٽو جو آئين بحال ڪرڻ پئي چاهيو: خورشيد شاهه

اسلام آباد (اين اين آءِ)قومي اسيميبلي جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته حڪومت نوازشريف کي بچائڻ لاءِ آرٽيڪل 62، 63 ۾ ترميم ڪرڻ چاهي ٿي جڏهن ته پ پ پ ڪنهن به شخص کي بچائڻ لاءِ ائين ڪڏهن به نه ڪندي، حڪومت عدالتن جي فيصلي جو احترام ڪري ، وقت اچڻ تي آئين ترميم ٿي ويندي. اسانجي وزارت پرڏيهي امريڪي پاليسي جي  معاملي کي هينڊل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. اربع تي پنهنجي چيمبر ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه چيو ته اسان ته ضياءَ الحق جي آئين ۾ وڌل آرٽيڪل 62، 63 شقن جو خاتمون ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جو آئين فعال ڪرائڻ چاهيون پيا پر هاڻي 62، 63 ۾ ترميم جي پويان ڪنهن بچائڻ جو مقصد آهي. هن چيو ته هن وقت اسان آئين ۾ اهڙي ڪنهن به ترميم جا حامي نه آهيون جنهن سان اهو تاثر ٿئي ته ڪنهن بچايو پيو وڃي، سيد خورشيد شاهه چيو ته حڪومت کي گھرجي ته عدالتن جي فيصلي جوآهترام ڪري، هن چيو ته آصف علي زرداري کي ڦاسائڻ لاءِ آرٽيڪل 62، 63 کي ختم ڪرڻ جي مخالفت ڪئي وئي الله جي قدرت آهي هو خود ان ۾ ڦاسي ويو.  هن چيو ته هو نوازشريف کي منافق نه ٿو چوي پر انجي نيتن ۾ فرق آهي. 62،63 ته هونئن آئين ۽ قانون جو حصو آهي جيڪا ختم نه ٿيندي. امريڪي صدر پاران پاڪستان کي تنقيد جو نشانون بڻائن ۽ حڪومتي خاموشي تي سخت رد عمل جو اظهار ڪندي سيد خورشيد شاهه چيو ته اسانجي پرڏيهي وزارت امريڪي پاليسي جي معاملي کي هينڊل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. هن  چيو ته امريڪي صدر کي منهه توڙ جواب ڏيڻ تي بطور آپوزيشن جي چين جو ٿورائتو آهيان، اڄ سموري قوم چين جي محبت ۾ واڌ ٿي آهي ۽ اهڙن قدمن سان پاڪ چين دوستي مضبوط ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *