اسان 3 مهينا ته صرف اهو فيصلو ڪرڻ ۾ لڳائي ڇڏيا ته لاڪ ڊائون ڪهڙو هجڻ گهرجي: علي ظفر

لاهور (شوبز نيوز)  پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي بگڙجندڙ وبائي صورتحال تي حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بنائيندي مشهور پاڪستاني گلوڪار ۽ اداڪار علي ظفر پنهنجي هڪ ٽوئٽ ۾ لکيو آهي ته جڏهن اسان هرون ڀرون هيڏانهن کان هوڏانهن رلي رهيا هئاسين ته ان دوران ڪورونا وائرس انتهائي منظم ۽ تيزي سان تباهي پکيڙي رهيو هو. /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 04

هن چيو ته اسان 3 مهينا ته صرف اهو فيصلو ڪرڻ ۾ لڳائي ڇڏيا ته لاڪ ڊائون ڪهڙو هجڻ گهرجي. اسمارٽ لاڪ ڊائون، سيليڪٽڊ لاڪ ڊائون، سخت لاڪ ڊائون، نرم لاڪ ڊائون يا پوءِ لاڪ ڊائون ئي ناهي ڪرڻو. هن چيو ته هاڻ ڪورونا جي صورتحال انتهائي خراب ٿي چڪي آهي ۽ فوتگين جو سلسلو تمام تيزي سان وڌي رهيو آهي. ان سان گڏ ئي هن سينئر صحافي عمر قريشي جي هڪ ٽوئٽ به شيئر ڪئي هئي جنهن ۾ لاهور جي مختلف علائقن ۾ 16 کان 17 ڏينهن تائين مڪمل لاڪ ڊائون جا تفصيل ٻڌايا ويا هئا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *