اسان کي پنهنجا حق وٺڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي: جلال محمود شاهه

ٽنڊو آدم (ڊ.ر) پ پ وارن سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي، هر ادارو ڪرپشن جي ور چڙهيل آهي اهڙن خيالن جو اظهار  ايس يو پي جي سربراهه سيد جلال محمود شاھ  ٽنڊي آدم ۾ باغي مجاهد ٿهيم جي گهر تي  عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو ۽ هن چيو ته مهانگائي بيروزگاري ۽ بد امني سبب عوام سخت پريشاني جو شڪار آهي.جلال محمود شاهه وڌيڪ چيو ته سانگهڙ سميت سموري سنڌ معدني وسيلن سان مالامال آهي، پر سنڌ جا روڊ رستا تباھ لڳا پيا آهن، اٽو، لٽو ۽ اجهو جا نعرا هڻي  عوام کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي،  هن چيو ته ڀوتار ووٽ وٺڻ کانپوءِ عوام کي سڃاڻن ئي ڪونه ٿا. سنڌ جو عوام تمام گهڻي تڪليف مان گذري رهيو آهي.  ميڙاڪي کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان کي پنهنجا حق وٺڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي، پ پ عدالتن جا رستا بند ڪري عوام سان ناانصافيون ڪري رهي آهي،  قانون جا محافظ  غير قانوني ڪم ڪري رهيا آهن، اسان کي عدالتن جو احترام ڪرڻ گهرجي، اهي ئي اسان کي انصاف ڏئي سگهن ٿيون.  هن ايس يو پي جي ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته اهي ايندڙ مڪاني چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺن ۽ ڪامياب ٿي عوام جي خدمت ڪن. ان کان اڳ ڊاڪٽر دودو مهيري ، روشن ٻرڙو ،امير علي ٿيٻو باغي مجاهد ٿهيم سردار شفيع محمد ساند ،مير احسن ٽالپر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته جسقم تعلقي ٽنڊي آدم جي صدر سرور ابڙو پنهنجي ساٿين سميت ايس يو پي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، ان کانسواءِ شهرجي مختلف معززين ڊاڪٽر عزيز ٽالپر ،ذاڪر بلوچ ۽ ٻين پڻ ايس يو پي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *