اسان کي جنگ بدران امن لاءِ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ضرورت آهي: ناصر جنجوعه

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي سلامتي واري صلاحڪار ناصر جنجوعا آمريڪي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته جنگ بدران امن لاءِ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ضرورت آهي. تفصيل موجب ناصر جنجوعا سان آمريڪي ميڊيا جي 4 رڪني وفد ملاقات ڪئي ۽ قومي سلامتي واري صلاحڪار وفد کي علائقائي سلامتي جي صورتحال تي تفصيلي پريزنٽيشن ڏني. ان موقعي تي هن نائن اليون کان پوءِ پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز جي ڪارڪردگي تي روشني وجهندي چيو ته عسڪري حڪمت عملي افغان معاشري کي هميشه زخم ڏنا آهن،  عسڪري حڪمت عملي جنگ کي ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي جنهن جو خاتمو نظر نٿو اچي جڏهن ته اسان کي جنگ بدران امن لاءِ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ اسان آمريڪا ۽ افغانستان سان سهڪار تي ٻڌل فريم ورڪ تي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا. ناصر جنجوعا چيو ته پاڪستان هڪ طويل عرصي کان سياسي مصالحت تي اصرار ڪري رهيو هو، خطي جي ملڪن سان دوستاڻي ۽ سهڪار تي ٻڌل لاڳاپن جو خواهشمند آهي، آمريڪا ۽ ٻيا ملڪ خطي جي سلامتي کي برقرار رکڻ لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪن. جاري ڪيل پڌرائي ۾ ناصر جنجوعا به حقيقتون ڄاڻڻ لاءِ پاڪستان آمد تي وفد جا ٿورا مڃيندي چيو ته اميد آهي ته آمريڪي وفد کي موجوده صورتحال ۾ مدد ملندي، وفد کي اهو اهم ڪردار ڄاڻڻ جو موقعو ملندو جيڪو پاڪستان پهرين کان ئي ادا ڪري رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *