اسان چاهيون ٿا ته فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ ئي ٿئي: سراج الحق

اسلام آباد (اين اين آءِ)جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته قطري شهزادي گھرائڻ عدالت کي اختيار آهي جيڪڏهن شهزادي aکي ٻڌايو وڃي هان ته هتي تتر آهن ۽ بٽير به آهن ته هو اچي وڃي هان. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان پهريان ئي ڪجھه ماڻهن روئڻ شروع ڪيو آهي. اها ته اڃا شروعات آهي اڳتي ڏسون ته ڇا ٿو ٿئي. هن چيو ته عدالتن کي ڌميڪون ڏيندڙ شخص خود اهي ماڻهون آهن ۽ جن ماڻهن جو آواز بلند ٿي رهيو آهي اهي حق تي نه آهن. جن وٽ اختيار هئا انهن ئي ڪرپشن ڪئي آهي. جڏهن ته ايوان به پنهنجو ڪردار ادا نه ڪيو، اسان سڀني کي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو انتظار آهي، اسان بادشاهت جي بدران آئين ۽ قانون جي حڪمراني چاهيون ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *