اسان مودي مائنڊ سيٽ جو مقابلو ڪري رهيا آهيون، دنيا کي به اٿڻو پوندو: شاهه محمود قرشي اسلام آباد (اين اين آءِ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته اسان مودي مائنڊ سيٽ جو مقابلو ڪري رهيا آهيون ۽ دنيا کي اٿڻو پوندو پنهنجي ٽوئٽ ۾ هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ٻارڙن سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو بيان جوڳو نه آهي 5 آگسٽ جو واقعو والاريل ڪشمير تائين محدود نه رهندو هن چيو ته ڀارت آسام ۾ 20 لک ماڻهن کي ڊي رجسٽرڊ ڪري ڇڏيو هن چيو ته اسان مودي مائنڊ سيٽ جو مقابلو ڪري رهيا آهيون. گڏيل قومون انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي رپورٽ لکي ڪهڙي ڳالهه تي گهٻرائي رهيون آهن ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت ۾ تقسيم واضح ٿي چڪي آهي ڀارتي اپوزيشن پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي جيڪڌهن سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي ته اپوزيشن کي سرينگر وڃڻ ڏنو وڃي ها ان جو مطلب آهي ته دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي ڪجهه لڪايو پيو وڃي ڀارت ۾ پنج آگسٽ جي قدمن خلاف 14 درخواستون داخل ٿي چڪيون آهن ڀارتي عدالتون ۽ جج مودي سرڪار جي دٻاءُ ۾ آهن سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات کي والاريل ڪشمير تي اعتماد ۾ وٺنداسين آمريڪا ۽ يورپ ۾ رهندڙ پاڪستاني متحرڪ نظر اچي رهيا آهن.

اسلام آباد (اين اين آءِ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته اسان مودي مائنڊ سيٽ جو مقابلو ڪري رهيا آهيون ۽ دنيا کي اٿڻو پوندو پنهنجي ٽوئٽ ۾ هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ٻارڙن سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو بيان جوڳو نه آهي 5 آگسٽ جو واقعو والاريل ڪشمير تائين محدود نه رهندو هن چيو ته ڀارت آسام ۾ 20 لک ماڻهن کي ڊي رجسٽرڊ ڪري ڇڏيو هن چيو ته اسان مودي مائنڊ سيٽ جو مقابلو ڪري رهيا آهيون. گڏيل قومون انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي رپورٽ لکي ڪهڙي ڳالهه تي گهٻرائي رهيون آهن ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت ۾ تقسيم واضح ٿي چڪي آهي ڀارتي اپوزيشن پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي جيڪڌهن سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي ته اپوزيشن کي سرينگر وڃڻ ڏنو وڃي ها ان جو مطلب آهي ته دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي ڪجهه لڪايو پيو وڃي ڀارت ۾ پنج آگسٽ جي قدمن خلاف 14 درخواستون داخل ٿي چڪيون آهن ڀارتي عدالتون ۽ جج مودي سرڪار جي دٻاءُ ۾ آهن سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات کي والاريل ڪشمير تي اعتماد ۾ وٺنداسين آمريڪا ۽ يورپ ۾ رهندڙ پاڪستاني متحرڪ نظر اچي رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *