اسان لاش نيئڻ لاءِ ايمبولينسز نٿا ڏئي سگهون، سنڌ سرڪار لاش نيئڻ لاءِ گاڏيون خريد ڪري: عذرھ پيچوھو

ڪراچي (اين اين آءِ) ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو اعلان ڪيو آهي ته صوبائي حڪومت سڌي ريت چين کان ڪين سينو ويڪسين جي خريداري لاءِ 50 ڪروڙ رپيا رکي ڇڏيا آهن، جيڪا سنگل ڊوز ويڪسين آهي. ڪراچي ۾ نيوز ڪانفرنس دوران ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو اسان چاهيون ٿا ته وڌ کان وڌ ماڻهو ويڪسين لڳرائن، اسان وٽ ويڪسينيشن جو عمل سست آهي، ڇو ته گهٽ انگ ۾ خوراڪون وصول ٿي رهيون آهن، صوبي ۾ 175 ويڪسينيشن سينٽر بالغن لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن، جن مان ڪراچي ۾ 29، حيدرآباد ۾ 8، جڏهن ته ٻين مان هر ضلعي ۾ 5 کان 6 ويڪسينيشن مرڪز موجود آهن، جيئن ئي وڌيڪ ويڪسين ملي ته سينٽرن جي انگ ۾ واڌ ڪنداسين ته جيئن يوسي سطح تائين پهچ ٿي سگهي. هن چيو ٿي سگهي ٿو ويڪسينيشن سان انفيڪشن ٿئي پر ان جي شدت گهٽ هوندي ۽ نزلي، زڪام جهڙي ڪيفيت يا هلڪو بخار هوندو پر توهان کي اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جي ضرورت نه پوندي، ويڪسينيشن سان موت جو خطرو به گهٽ هوندو، تنهن ڪري اها ضروري آهي، بزرگن کي ويڪسين لڳي رهي آهي ۽ ايندڙ 2 کان 3 ڏينهن ۾ 50 سالن جي عمر جي ماڻهن کي به ويڪسينيشن جي شروعات ٿي ويندي، عوام کي اپيل ٿي ڪيان ته مفت ويڪسين مان فائدو حاصل ڪري. عذرا پيچوهو عوام تي زور ڏنو ته ايس او پيز جو خاص خيال رکيو وڃي، ڇو ته پنجاب ۾ موجود وائرس جو برطانوي قسم جيڪڏهن سنڌ ۾ اچي ويو ته وڏي تباهي اچي سگهي ٿي، پنجاب ۾ اسپتالن تي گهڻو دٻاءُ پئجي ويو آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته وفاقي حڪومت اسلام آباد ۾ ويهي سنڌ جون اسپتالون نٿي سنڀالي سگهي، اسان چاهيون ٿا ته اسپتالن جو انتظام اسان وٽ ئي رهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *