اسان جي ملڪ ۾ چوري ۽ ڪرپشن کي ڏوهه نه سمجهيو ويو، ڪرپشن سان قوم جي اخلاقيات تباهه ٿي ويندي آهي : عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان هڪ دفعو ٻيهر واضح ڪيو ته جنهن ملڪ ۾ اخلاقيات تباهه ٿي ويندي آهي اتي ڪرپشن جو ناسور نڪري ايندو آهي، هڪ معاشرو جنهن اندر اخلاقيات ناهي هوندي اهو انصاف نٿو ڪري سگهي. اهو پوءِ اين آر او ڏي ٿو ۽ چورن سان ڊيل ڪري ٿو جيڪڏهن اوهان طاقتور کي مٿي رکي رهيا آهيو ته اوهان انصاف نٿا ڪري سگهو. وزيراعطم ۽ وزيرن سان برائي شروع ٿئي ٿي ۽ پوءِ اها هيٺ تائين هلي وڃي ٿي. انسان جو امتحان ان وقت ٿيندو آهي جڏهن ان کي آزمايو ويندو آهي، سٺي وقت ۾ ڪوئي به سٺو هوندو آهي 60 جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان جي بيورو ڪريسي سڄي ايشيا ۾ نمبر ون سمجهي ويندي هئيان جو وڏو معيار ۽ عطمت هئي ۽ پوءِ آهستي اهستي اسان ٻئي رستي تي هليا وياسين جيڪو اسان جي تباهي جو رستو آهي، سول سروسز اڪيڊمي جي انعام ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعطم چيو ته ڪرپشن اخلاقي تباهي جي نشاني آهي، جيئن ڪينسر سبب هڪ ڳڙ نڪري ٿو تيئن جڏهن هڪ قوم ۾ جڏهن اخلاقيات ختم ٿي وڃي ٿي ته ڪرپشن ظاهر ٿئي ٿي خطاب ڪندي هن چيو ته هي اوهان جي هاڻي شروعات آهي اصل امتحان هاڻي ٿيندو انسان جو امتحان ان وقت ٿيندو آهي جڏهن انکي آزمايو ويندو آهي هن چيو ته آزمائش ۾ خبر پوي ٿو ته اوهان جو ايمان ڪيترومضبوط آهي ته اوهان جي آزمائش هاڻي شروع ٿي آهي اوهان جو مستقبل اوهان جو منتظر آهي ته اوهان ڪيڏانهن وڄو ٿا ته ڪيترا وڏا انسان بڻجو ٿا ۽ ڇا حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا سندس چوڻ هو تهوڏو انسان اهو هوندو آهي جنهن جا خواب وڏا هجن ۽ وڏا خواب ڏسندو آهي، جيڪو آئيڊلسٽ هوندو آهي سندس چوڻ هو ته ڪڏهن ريئلسٽ وڏو انسان ناهي بڻيو جنهن ماڻهو سڀ کان پهريان مائونٽ ايوريسٽ کي سر ڪيو جيڪڏهن اهو ريئلسٽ هجي ها ته ڪڏهن به سر نه ڪر ها ڇو ته هنک ان اڳ جنهن به ڪوشش ڪئي هئي يا ته اهو مري ويو هو يا ناڪام ٿيو هو ريئلزم ته چوي ٿي ته هي نٿو چڙهي سگهي پر آئيڊيلزم چوندي هئي سر ڪرڻلاءِ عمران خان جو چوڻ هو ته اصل ۾ اوهان کي ايمان ڏي ٿو سڀ کان وڏي قوت ايمان جي هوندي آهي ايمان انسان جون پنهنجون حدون ختم ڪري ڇڏي ٿي هن چيو ته رستي ۾ هميشه موقعا ملندا ۽ ٻه چوائسز ملنديون هڪ رستو اهو آهي جيڪو لڳندو وڏو مشڪل آهي پر اهو رستو جتي نعمتون ملنديون آهن ٻيو رستو جيڪو شاٽ ڪٽ آهي ۽ دنيا به ايئن ڪري ٿي ته اسان به ڪريون هر وقت احساس ٿيندو تها وهان زميني حقيقتون نٿا ڄاڻون هن چيو ته اسان کي ٻن رستن تي فيصلو ڪرڻو پوندو ڇو ته هڪ اوهان جي عظمت جو رستو آهي ۽ ٻيو رستو جيڪو لڳي وڏو پرڪشش ٿو پر اهو انسان جي تباهي جو آهي، وزيراعظم چيو ته اسان جي ملڪ کي عظيم بڻجڻو هو ۽ اسان جي دور ۾ عظيم بڻجي رهيو هو سٺ جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان جي بيورو ڪريسي سڄي ايشيا ۾ نمبر ون سمجهي ويندي هئي ان جو وڏو معيار ۽ عظمت هئي ۽ پوءِ آهستي اهستي اسان ٻئي رستي تي هليا وياسين هن چيو ته ڪڏهن هڪ انسان جيڪو حق تي بيٺل هجي ان جي طاقت تي نطرانداز نه ڪريو جڏهن اوهان سچ تي بيٺا هوندا آيو ته اوهان وٽ الله جي طاقت اچي ويندي آهي هن چيو ته مان جڏهن ڪرڪيٽ کيڏندو هيس ته آسٽريليا ۾ ڪيري پيڪر سيريز هئي جنهن ۾ وڏو پئسو هو پر اڄ جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ هو اتي ورلڊ اليون هڪ تيم ٺهي هئي جنهن ۾ اسان شامل هئاسين ۽ اها آسٽريليا ۽ ويسٽ انڊيز کان کٽي وئي هنچيو ته جڏهن اسان مئچ کٽي ته 11 رابنديگرن چيو ته انعام جا پئسا سڄي اسڪواڊ بدران اسان کيڏيو آهي ته هي 11 رانديگرن ۾ پاڻ ۾ ورهائڻ گهرجن ۽ سڀني ايئن ئي چيو پر انگلينڊ جي هڪ رانديگر ايلن ناٽ چيو ته سڀني کي شرم اچڻ گهرجي اهو اسڪواڊ جو حصو آهن جيڪڏهن اهي نه کيڏن تڏهن به ان ۾ ورهائڻ گهرجي ۽ اهو ڪٽر عيسائي هو پر هو سچ ڳالهائي رهيو هو ۽ ٻين سڀني کي شرم ٿيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *