اسان جي حڪومت کي آئي 5 مهينا ٿياآهن، حڪومت لولي لنگڙي ئي صحيح پر هلي ته رهي آهي: نعيم الحق

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت خاص صلاحڪار نعيم الحق چيو آهي ته عمران خان سڀاڻي قومي اسيمبلي ۾ شرڪت ڪندو، ساهيوال واقعي تي وزيراعظم ۽ پنجاب جو وڏو وزير ڪاوڙيل آهن. چيئرمين سيڪريٽريٽ لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي نعيم الحق چيو ته اسان جي حڪومت کي آئي 5 مهينا ٿي ويا آهن، حڪومت لولي لنگڙي ئي صحيح پر هلي ته رهي آهي، اسان کي هاڻ نئون نظام آڻڻو پوندو، حقيقي تبديلي ان وقت ايندي جڏهن سڀ رنڊڪون ختم ٿي وينديون. هن چيو ته ساهيوال سانحي سڄي قوم کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، اسان جي جدوجهد ڪنهن جي خلاف نه پر سسٽم جي خلاف آهي، ماڊل ٽائون ۾ معصوم شهرين کي قتل ڪيو ويو، اهڙي ريت نقيب الله محسود جو به قتل ٿيو، ملڪ جي حالت سڌرندي ته شهرين جي حالت به بهتر ٿيندي. سندس چوڻ هو ته ساهيوال مقابلي ۾ جنهن گوليون هلايون اهي ئي قاتل آهن، متاثرن جي تڪليف سمجهون ٿا، اهو معاملو اسان جي حڪومت لاءِ چئلينج آهي، پوليس جو نظام تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان جي بهتري لاءِ سياسي ۽ معاشي سطح تي تبديلي آڻڻي پوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *