اسان جو ڪنهن سان ذتي جهيڙو نه آهي، اسان جو مسئلو عوام جا بنيادي حق آهن: بلاول ڀٽو زرداري

لاهور (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽِ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي جو بنياد لاهور ۾ رکيو ويو، پنجاب جي هن دل شهر لاهور کي اسان کي کٽڻو آهي، پاڪستان پيپزلپارٽِ ماضي ۾ پنجاب جي عوام کي روزگار ڏنو رهائشي اسڪيمن جي ذريعي گهر ڏنا اهڙن خيالن جو اظهار هن مختلف پارٽين مان پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيندڙ ماڻهن کي مبارڪون ڏيڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو هن چيو ته جڏهن مان پنجاب جي هر تعلقي ۾ ويندس ته سياسي مخالفن کي پتو پئجي ويندو ته سياست ته پاڪستان پيپلزپارٽي ڪري ٿي، ماضي ۾ جنهن گهر تي پ پ جو جهڊو ڦڙڪايو ان جهنڊي کي ٻيهر ان گهر تي ڦڙڪائينداسين جنهن ڪڏهن به جيئي ڀٽو جو نعرو هنيو ان کي پاڻ پنهنجي سيني سان لڳائينداسين اڄ به اٽو لٽو اجهو جو نعرو ايتري معني رکي ٿو جيتري 70 جي ڏهاڪي ۾ رکندو هو هن چيو ته اها پاڪستان پيپلزپارٽي اهي جيڪا پنجاب جي عوام کي روزگار ڏئي سگهي ٿي اسان جي ڪنهن سان ذاتي ويڙهه نه آهي اسان جو مسئلو عوام جا بنيادي حق آهن پاڪستان پيپلزپارٽي حڪومت ڪرڻ لاءِ پر عوامي خدمت لاءِ سياست ڪري ٿي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *