اسان جو پلان ڊي ترقي وارو آهي تباهي وارو نه: نواز شريف

بلڪسر/چڪوال (اين اين آءِ/اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته اسان جو پلان ڊي ترقي وارو آهي تباهي وارو نه آهي، جڏهن به ملڪ ترقي جي شاهراهه ٿئي ٿو ته رستي ۾ جبل اڀا ڪيا وڃن ٿا، پر رڪاوٽون اسان جي وڌندڙن قدمن کي روڪي نٿيون سگهن، 2018ع ۾ اسان پنهنجو لوڊشيڊنگ جي اذيت، گئس جي کوٽ، مهانگائي، بيروزگاري ۽ دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي ۽ معيشت کي مضبوط بڻائڻ جو رڪارڊ کڻي قوم وٽ وينداسين، جن کي هڪ صوبي ۾ حڪومت ملي آهي اهي ترقي روڪڻ جي لاءِ ڌرڻا هڻڻ، ٽائر ساڙڻ، رستا بند ڪرڻ، واپاري سرگرمين ۾ رنڊڪ وجهڻ لاءِ شهر بند ڪرائڻ، مارڌاڙ جون تقريرون ڪرڻ، ترقي جو رستو روڪڻ، پارليامينٽ تي حملو ڪرڻ ۽ جمهوريت کي گاريون ڏيڻ جو رڪارڊ کڻي عوام سامهون ايندا،پيٽروليم مصنوعات ۽ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي سان آبادگارن، واپارين ۽ مزدورن کي فائدو پهچندو. ايف ڊبليو او موٽروي منصوبو مڪمل ڪرڻ سان گڏوگڏ حڪومت کي 206 روپيا به ادا ڪندي. منصوبا مقرر مدي ۾ مڪمل ٿيندا ته ملڪ ترقي ڪندو ۽ وسيلا زيان ٿيڻ کان بچي ويندا، ڪراچي کان لاهور تائين موٽر وي منصوبي جو پيڙهه جو پٿر جلد رکيو ويندو. اسان جا منصوبا ملڪ جي ترقي لاءِ گيم چينجرز ثابت ٿيندا، عوام ڪنهن کي به انهن ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي اجازت نه ڏيندي، هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪالهه سومر ڏينهن هتي اسلام آباد- لاهور موٽر وي (ايم 2) کي جديد بڻائڻ ۽ نئين سر تعمير جي منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات، نشريات جو وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد، انجنيئر ان چيف ليفٽيننٽ جنرل خالد اصغر، ڊائريڪٽر جنرل ايف ڊبليو او ميجر محمد افضل، چيئرمين اين ايڇ اي شاهد اشرف تارڙ، ايم اين اي سردار ممتاز ٽمن، ميجر (ر) طاهر اقبال ملڪ، ملڪ ابرار احمد، راجا جاويد اخلاص، ايم پي اي سردار ذوالفقار علي خان دهلا، چوڌري لياقت علي خان، وزيراعظم جو خاص معاون ملڪ سليم اقبال سميت ضلعي جا معززين به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته اسلام آباد – لاهور موٽر وي ايم 2 جو منصوبو به اسان ئي مڪمل ڪيو هو ۽ ان جي خوبصورتي ۽ جديد بڻائڻ جو آغاز به اسان ڪري رهيا آهيون، ڏکڻ ايشيا ۾ پنهنجي نوعيت جو هر منفرد منصوبو آهي ۽ هن جي تعريف غير ملڪي ڪن ٿا، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 6 ڦاڪن وارو موٽر وي ٺاهيو ويو آهي، ان کي خوبصورت بڻائڻ سان گڏوگڏ حفاظتي جهنگلن کي به بهتر بڻايو ويندو. ان تي ڪئميرا به لڳايا ويندا، موٽر وي جي تعمير اسان پنهنجي وسيلن مان ڪئي آهي ۽ ڪنهن کان خيرات ناهي گهري. ايف ڊبليو او منصوبو مڪمل ڪرڻ سان گڏوگڏ حڪومت کي 206 ارب روپيا ادا ڪندي جڏهن ته ساڍا 9 ارب روپيا پهرئين ڏينهن ئي ادا ڪيا ويندا. هن چيو ته 30 ارب روپين جي منصوبي جي ماليت اڄ 249 ارب روپين تائين پهچي وئي آهي، جيڪڏهن منصوبا مقرر مدي ۾ پورا ٿين ته ان سان ملڪ کي فائدو ٿيندو ۽ وسيلا زيان نه ٿيندا. هن چيو ته موٽر وي نه رڳو پنهنجي وسيلن سان مڪمل ڪيو آهي پر هاڻي اهو آمدني جو ذريعو بڻجي ويو آهي ، ايف ڊبليو او، غير ملڪي ماهرن ۽ تعميراتي ڪمپني کي به ان منصوبي ۾ شريڪ ڪندي، ٻاهر کان ايف ڊبليو او کي ٽيڪنالاجي به ملندي، اسان اميد ڪريون ٿا ته هي ٽيڪنالاجي سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويندي ۽ سڀ ئي ترقي جي عمل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا، هن چيو ته ايف ڊبليو او بلوچستان ۾ مشڪل ترين علائقن ۾ به رستا ٺاهيا آهن، جتي ڪا به پرائيويٽ ڪمپني رستا ٺاهڻ لاءِ تيار نه هئي. اسان جي موٽر وي دنيا جي بهترين موٽر وي ٺهندي. منصوبو مڪمل ڪرڻ لاءِ ڏيڍ سال جو هدف ڏنو آهي، موٽر وي وسيلي 17 سالن ۾ ڪروڙين شهرين محفوظ سفر طئي ڪيو آهي ملڪ کي وڏي بچت ٿي آهي، عالمي بئنڪ جي سروي موجب ان جي ماليت ۾ پنجوڻ تي اضافو ٿيو آهي، وزيراعظم چيو ته اسان جو پلان ڊي ترقي وارو آهي تباهي وارو نه آهي، ڊي سان ڊولپمينٽ يعني ترقي ٿئي ٿي ۽ ڊي سان ڊسٽرڪٽشن تباهي به ٿئي ٿي، جن وٽ تباهي واري ڊي آهي الله تعاليٰ انهن کان پاڪستان کي محفوظ رکي، ملڪ جڏهن ترقي جي راهه تي گامزن ٿئي ٿو ته ان جي رستي ۾ رنڊڪون اڀيون ڪيون وڃن ٿيون ته جيئن نه ڪو موٽر وي بڻجي ۽ نه ئي وري ملڪ تيزي سان ترقي ڪري، پر اهي رڪاوٽون اسان جا وڌندڙن قدم روڪي نٿيون سگهن. هن چيو ته موٽر وي جي تعمير جڏهن کان شروع ٿيندي هئي ته ان وقت کان ان جي راهه ۾ رڪاوٽون وڌيون ويون، اسان جي چونڊيل حڪومت ختم ڪئي وئي ۽ اسان ٻيهر حڪومت ۾ اچي ان منصوبي کي مڪمل ڪيو، ترقي ڪندڙ اڄ به موٽر وي تي سفر ڪن ٿا ۽ اهو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اسان کي ڪيترائي ڀيرا تنقيد جو نشانو بڻايو ويو ۽ بجري جو هڪ هڪ ٽڪرو تلاش ڪيو ويو ته جيئن ان کي غلط ثابت ڪيو وڃي ۽ اسان کي بدنام ڪيو وڃي. پر ديانت، محنت ۽ شفافيت سان قوم ۽ ملڪ کي اسان پنهنجو هي اثاثو مڪمل ڪري ڏيکاريو. ان لاءِ جڏهن به هاڻ شفاف چونڊون ٿين ٿيون ته عوام اسان کي ئي چونڊي ٿو، هن چيو ته 2018ع ۾ اسان پنهنجي لوڊشيدنگ جي اذيت، گئس جي کوٽ، مهانگائي، بيروزگاري ۽ دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي ۽ معيشت کي مضبوط بڻائڻ جو رڪارڊ کڻي عوام وٽ وينداسين پر ٻئي طرف جن وٽ هڪ صوبي جي حڪومت آهي اهي ترقي روڪڻ لاءِ ڌرڻو ڏين، ٽائر ساڙي رستا بند ڪرڻ، واپاري سرگرمين ۾ رڪاوٽون وجهڻ جي لاءِ شهر بند ڪرڻ، مارڌاڙ جون تقريرون ڪرڻ، ترقي جو رستو روڪڻ، پارليامينٽ تي حملو ڪرڻ، جمهوريت کي گاريون ڏيڻ جو رڪارڊ کڻي عوام وٽ ويندا ته اسان کي ووٽ ڏيو ۽ ڏسو ته اسان ڪهڙي طرح هڪ صوبي جو حال ڪيو آهي باقي ملڪ جو به اهڙو ئي حال ڪرڻ چاهيون ٿا، وزيراعظم چيو ته پيٽروليم قيمتن ۽ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي سان آبادگارن، واپارين ۽ مزدورن کي فائدو پهچندو، صنعتون هلنديون، ترقي جو ڦيٿو ڦرندو، هن چيو ته اسان اسلام آباد کان لاهور موٽر وي ٺاهيو آهي، اسلام آباد کان پشاور تائين موٽر وي کي مڪمل ڪيو آهي ۽ هاڻي پشاور کان ڪابل تائين موٽر وي ٺاهڻ چاهيون ٿا. جڏهن ته ڪراچي کان لاهور تائين موٽر وي ٺاهڻ جو منصوبو به آهي ۽ ان جو پيڙهه جو پٿر جلد رکيو ويندو ۽ وري گوادر کان ڪاشگر تائين رستا ئي رستا ٺهندا.موٽر وي سان گڏوگڏ وک وک تي صنعتي زون به ٺاهيا ويندا، صنعتي زون ٺاهڻ جي لاءِ سروي ڪئي وڃي، صنعتون بحال ٿيڻ سان پاڪستان جي روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو، نون صوبن سان گڏوگڏ پراڻن منصوبن کي به مڪمل ڪرڻو آهي، ڌرڻن جي سياست نه هجي ها ته ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم شروع ٿي وڃي ها. بجلي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ ۽ ان کي سستو ڪرڻ اسان جو مشن آهي، ديامر ڀاشا ڊيم، داسو ڊيم، مونجي ڊيم، نيلم جهلم منصوبو، تربيلا فور، ڪراچي پورٽ قاسم، ساهيوال ڪول پاور پراجيڪٽ ۽ قائداعظم سولر پارڪ مڪمل ٿيڻ سان بجلي وڌيڪ سستي ٿي ويندي. هن چيو ته حڪومت جذبي ۽ خلوص سان ڪم ڪري رهي آهي، گوادر کان نوابشاهه تائين پائيپ لائين وڇائڻ جي لاءِ اشتهار ڏئي ڇڏيو آهي، گوادر ۽ ايران کان پائيپ لائين ايندي ته خوشحالي جو هڪ وڏو دور شروع ٿيندو، ڳوٺن کان شهرن تائين رستا ٺهندا، تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي سان ماڻهن جي خريداري جي قوت وڌندي، خنجراب کان راءِ ڪوٽ تائين رستو مڪمل ٿي ويو آهي. مارگلا جي جبلن جي هيٺيان سرنگهه کوٽي موٽر وي کي اسلام آباد تائين آندو ويندو، هن چيو ته اسان جا منصوبا ملڪ جي ترقي جي لاءِ گيم چينجر ثابر ٿيندا، ايندڙ ٻن سالن اندر بلوچستان جي هر ننڍي شهر تائين گئس پهچائي ويندي. ترقياتي منصوبا ملڪ جي مستقبل جي لاءِ تمام ضروري آهن، عوام ڪنهن کي به انهن ۾ رخنو وجهڻ جي اجازت نه ڏيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *