اسان جو ٻچو ٻچو ڪشمير سان گڏ آهي، پاڪستان ڪشميرين کي اڪيلو نه ڇڏيندو: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان جي سڌسماءِ جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ هڪ دفعو ٻيهر واضح ڪيو آهي ته پاڪستان ڪشميرين کي اڪيلو نه ڇڏيندو ڪشمير جو هر شخص پاڪستان ۽ پاڪستاني پارليامينٽ ڏانهن ڏسي رهيو آهي ڪشميرين جي اخلاقي سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ گهرجي اڱاري تي پارليمينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اڄ ڪشميري عوام ۽ ان جي جدوجهد سان ٻڌي جو ڏينهن آهي هن چيو ته اڄ سياست جو ڏينهن نه آهي ڪشميرين سان ٻڌي جو پيغام ڏيڻ گهرجي ڪشميرين جي اخلاقي ۽ سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ گهرجي هن چيو ته هي ٺهراءُ اپوزيشن ۽ پارليمان جي خواهشن مطابق هوندو پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪندڙ اپوزيشن اڳواڻن کي به خراج تحسين پيش ڪيو هو هن چيو ته ڪشميرين سان ٻڌي سان پيغام ڏيڻ اسان جو ٻچو ٻچو ڪشمير سان گڏ آهي. هن چيو ته 9 لک ڪشمير جي آواز کي دٻائڻ لاءِ ڀارتي فوج آهي هن چيو ته ڪشمير جو هر شخص پاڪستان ۽ پاڪستاني پارليامينٽ ڏانهن ڏسي رهيو آهي ڪشمير اسان جو گڏيل مسئلو آهي هن ٻڌايو ته وزيراعظم بين الاقوامي سطح تي رابطا ڪري رهيو آيه ۽ مختلف ملڪن جي سربراهن سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي ته جيئن لاڳواپيل عالمي فورمن تي ڪشمير جو ڪيس بهتر نموني سان پيش ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *