اسان امن بحال ڪري سڄي سنڌ جو انفراسٽريڪچر بهتر ڪيو. روڊ، پليون ٺهرايون ۽ بهترين اسپتال قائم ڪيا: مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان امن جي بحال ڪيو، سڄي صوبي جو انفراسٽريڪچر بهتر ڪيو. آصف علي زرداري جي اڳواڻيءَ ۾ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت روڊن، درياهه تي پليون ٺهرايون ۽ بهترين اسپتال قائم ڪيا. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن شهر ۾ وڏين قربانين کانپوءِ امن قائم ڪيو. اسانجي حڪومت پُرامن بقا تي يقين رکي ٿي. اهڙين خيالن جو اظهار هن اڄ پاڪستان ميڊيا ڪلب جي 30 رڪني وفد سان وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقت جي دوران ڪيو. ملاقات ۾ اينڪرز، پروڊيوسرز ۽ ميڊيا سان لاڳاپيل ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي. وڏي وزير ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ۾ افغان جنگ ٽرننگ پوائنٽ هئي، ان جنگ ملڪي معيشت، سياست ۽ امن امان تي تباهيءَ واري اثر ڇڏيا. ڪلاشنڪوف، هيروئن (منشيات) ۽ شدت پسندي افغان جنگ جو نتيجو آهن، اهو آمر جي ڊڪٽيٽرشپ ڪري ٿيو. وڏي وزير امن امان بابت ڳالهائيدي چيو ته پوليس جيڪو آپريشن ڪيو انهن کي چونڊي چونڊي ماريو ويو، جنهن ڪري 150 کان 200 اهلڪار شهيد ٿيا، پوليس جا حوصلا گهٽجي ويا ۽ آپريشن ڪرڻ لاءِ ڪوبه پوليس آفيسر راضي نه هو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته هڪ وڏي جدوجهد کانپوءِ ڪراچي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن شروع ڪيو ويو، ڪراچي ٽارگيٽڊ آپريشن تمام سٺا نتيجا ڏنا. هن چيو ته اسان پوليس جي حوصلي کي بلندي ڪيو آهي؛ پگهارون وڌايون آهن، شهيدن جي گهرڀاتين کي اونرشپ ڏني، معاوضو وڌايو. ڪراچي آپريشن جي ڪاميابي شهرين، پوليس، رينجرز ۽ ڳجهن ادارن جي ڪري ممڪن ٿي. هن چيو ته امن جي بحاليءَ کانپوءِ اسان شهر جي ٻيهر تعمير وارو ڪم شروع ڪيو. ڪراچي اڄ پُرامن، ترقيءَ جي رستي ڏانهن وڌي رهيو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪم ڪيو آهي ۽ عوام پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏنو جنهن جو اهم ثبوت مرتضيٰ بلوچ، حڪيم بلوچ ۽ سعيد غني جي ننڍين چونڊن ۾ ڪاميابي آهي ۽ بلدياتي چونڊن ۾ پڻ وڏي سوڀ حاصل ٿي. ترقي بابت ڳالهائندي هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو ٿر جي ڪوئلي تي ڪم شروع ڪيو، محترمه بينظير جي سمورن معاهدن کي ختم ڪري ڪول مائننگ جي ڪم کي روڪيو ويو. اسان 2010ع ۾ ٿرڪول مائننگ جو بين الاقوامي ٽرينڊر جي آچ ڪئي پر ڪوبه نه آيو. ان بعد اسان اينگرو سان پارٽنرشپ ڪري سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني بڻائي، جنهن ۾ 54 سيڪڙو حصيداري سنڌ حڪومت جي آهي. هن چيو ته اڄ ٿر جي ڪوئلي کي هڪ سڃاڻپ ملي آهي ۽ هاڻ بين الاقوامي ڪمپنيون ٿر ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ قطار ۾ بيٺل آهن. هن چيو ته اسان ٿر جي ڊانچي جي تعمير ڪئي. سيد مراد علي شاهه چيو ته صحت جي شعبي ۾ سنڌ حڪومت گهڻو ڪم ڪيو آهي. جڏهن اسان کي جناح اسپتال (جي پي ايم سي) ملي هئي تڏهن کين بجيٽ 700 ملين رپيا هو ۽ اڄ جناح اسپتال جو بجيٽ 5.8 بلين رپيا آهي. هن چيو ته اين آءِ سي وي ڊي کي مضبوط ڪيو، اين آءِ سي وي ڊي جا سيٽلائيٽ سينٽر سکر، لاڙڪاڻي ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ قائم ڪيا آهن ۽ ٻين شهر ۾ پڻ قائم ڪري رهيا آهيون.  اهڙي ريت ايس آءِ يو ٽي جا به سيٽلائيٽ سينٽر قائم ٿي رهيا آهن. هن چيو ته پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت صحت جي شعبي ۾ بهتر ڪم ٿي رهيو آهي. گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ سائنسز، ٿر جي اسپتال، بدين ۽ ٻين شهر ۾ بهترين اسپتال قائم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته اسان امن بحال ڪيو آهي، سڄي صوبي ۾ انفراسٽريڪچر بهتر ڪيو آهي، روڊ رستا، فلاءِ اوور، انڊرپاسز، درياهن تي پُل ٺهرايا آهن. هن چيو ته پوليس کي جديد هٿيار فراهم ڪري مضبوط ڪيو آهي ۽ پوليس ۾ ميرٽ تي ڀرتيون ڪيون جيڪا اسان جي ڪاميابي آهي، جيستائين پوليس مضبوط نه ٿيندي تيستائين رينجرز سنڌ ۾ رهندي ۽ رينجرز سٺو ڪم ڪري رهي آهي. نيب بابت وڏي وزير چيو ته هاءِ ڪورٽ به نيب جي ڪارڪردگيءَ تي آڱر اٿاري رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *