اسان احتساب خلاف ناهيون پر ادارا سياسي انتقام لاءِ استعمال ٿي رهيا آهنۡ: مولانا فضل الرحمان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان احتساب جي خلاف ناهيون پر ادارا سياسي انتقام لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان جو لاڪ ڊائون پوئتي ڪرڻ جو ارادو ناهي، گرفتارين جي ٻوڏ نه بيهندي، موجوده حڪومت ناجائز آهي، ان کي هاڻ گهر وڃڻو پوندو.سندس چوڻ هو ته 25 جولاءِ تي بدترين ڌانڌلي ٿي، نتيجا قبول ناهن، سڀ جماعتون نيون چونڊون چاهين ٿيون، حڪومت جي هر سال جي ڪارڪردگي تي هر طبقو پريشان آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسان جو ڪنهن سان ٽڪراءُ نه ٿيندو، آئين جي دائري ۾ رهي احتجاج ڪنداسين، اسان ڪراچي کان ڪوئيٽا تائين مارچ ڪيا، سڀ پرامن رهيا، جيڪڏهن گرفتاريون ٿيون ته لاڪ ڊائون بنا قيادت جي ٿيندو. فضل الرحمان چيو ته اسان لاڪ ڊائون ۾ امن جي ضمانت ڏيون ٿا، احتساب جي خلاف ناهيون پر ادارا سياسي انتقام لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن، جڏهن حڪمرانن جو وارو ايندو آهي ته احتساب ڪميشن ختم ڪئي ويندي آهي. جي يو آءِ (ف) سربراهه ايران ۽ سعودي عرب ۾ ٽياڪڙي جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته عمران خان ڳوٺ جو مسئلو حل نٿو ڪري سگهي ته اهو مسئلو ڪيئن حل ڪندو،  عمران خان دنيا ۾ پاڪستان خلاف سلطاني شاهد آهي. مولانا فضل الرحمان جماعت اسلامي جي اسلام آباد ڌرڻي ۾ شرڪت جي حوالي سان چيو ته جماعت اسلامي کي دعائن لاءِ رکيو آهي. واضح رهي ته مولانا فضل الرحمان گذريل سال 25 جولاءِ تي ٿيندڙ عام چونڊن کي ڌانڌلي سٽيل قرار ڏئي ۽ تحريڪ انصاف جي حڪومتي پاليسين خلاف اسلام آباد ۾ ڌرڻي جو اعلان ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *