اسان آمرن جو مقابلو ڪيو، هي هٿ ٺوڪيو ڪهڙي شئي آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪوٽلي  (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان آمرن جو مقابلو ڪيو، هي هٿ ٺوڪيو عمران خان ڪهڙي شئي آهي. ايل اي ڪوٽلي 05 جي ضمني چونڊ جي سلسلي ۾ جلسي سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آزاد ڪشمير جي عوام ڌانڌلي جو مقابلو ڪيو آهي، پ پ جا جيالا آخري جنگ لاءِ تيار آهن، اسان عمران خان جي هٿ ٺوڪي حڪومت جو مقابلو ڪري رهيا آهيون، اسان ته آمرن ۽ ظالمن جو مقابلو ڪيو هي هٿ ٺوڪيو ڪهڙي شئي آهي. هن چيو ته وفاق ۽ پنجاب جيان ڪشمير ۾ به هٿ ٺوڪي حڪومت آهي، موجوده حڪومت عوام ۽ غريب جي دشمن آهي، ڪٿي آهن عمران خان جون هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 لک گهر؟ 10 آڪٽوبر تي آزاد ڪشمير ۾ عوام تيز تي ٺپو هڻي ان نااهل کان حساب وٺي. سندس چوڻ هو عمران خان واعدا ڪيا ته سائي پاسپورٽ جي عزت ڪرائينداسين، ٻاهريان ماڻهو پاڪستان اچي نوڪريون ڪندا، حقيقت ۾ حڪومت پنهنجو ڪو واعدو پورو ناهي ڪيو. پ پ چيئرمين چيو ته هر جيالي لاءِ جيل وڃڻ ضروري آهي، اتي سندن ٽريننگ ٿيندي آهي، جيڪڏهن شفاف چونڊون ڪرايون وڃن ته پ پ جي حڪومت اچي ويندي ۽ ايندڙ وزيراعظم جيالو هوندو. بلاول ڀٽو زرداري موجب هٿ ٺوڪي حڪومت سازشن ۾ مصروف آهي پر عوام تيز تي ٺپو هڻي پ پ اميدوارن کي ڪامياب ڪري اهو واضح ڪري ته ڪشمير ڪالهه به پ پ جو هو ۽ اڄ به پ پ جو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن عوام کي بيروزگاري، غربت مان ڪڍڻو آهي ۽ مهانگئي جو مقابلو ڪرڻو آهي ته هڪ ئي پارٽي وٽ انهن سمورن مسئلن جو حل آهي، پاڪستان پيپلزپارٽي ماضي ۾ به مهانگائي ۽ بيروزگاري جو مقابلو ڪيو آهي هن چيو ته موجوده حڪومت عوام دشمن ۽ غريب دشمن آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف تازو ئي انهن 16 هزار گهراڻن کي بيروزگار ڪرايو جن کي پاڪستان پيپلزپارٽي پارليمان ۾ روزگار ڏياريو هو پ پ چيئرمين دعويٰ ڪئي ته پيپلزپارٽِ روزگار ڏيندڙ، خدمت ڪندڙ، معاشي ترقي آڻيندڙ جماعت آهي، مان هتان جي عوام کان سوال ڪريان ٿو ته چونڊن کي گهڻو وقت ٿي ويو آهي. حڪومت اوهان لاءِ ڇا ڇا ڪيو هن چيو ته اسان اليڪشن کان اڳ به اوهان وٽ هئاسين اليڪشن کان پوءِ به اوهان وٽ آهيون جڏهن ته اسان جا مخالف منهن ڏيکارڻ جي لائق ئي ناهن، هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي اوهان جي اصلي جماعت آهي جيڪا عوام جي نمائندگي ڪري سگهي ٿي ناانصافي جو مقابلو ڪري سگهي ٿي ۽ پرڏيهي ۽ قومي سطح تي پاڪستان جي نمائندگي ڪري سگهي ٿي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *