اسانجي تاريخ جمهوريت ۽ آمريت جي چوڌاري گھمي ٿي : احسن اقبال

اسلام آباد (اين اين آءِ)وفاقي گھرو وزير احسن  اقبال چيو ته اسانجي تاريخ جمهوريت ۽ آمريت جي چوڌاري گھمي  رهي آهي، نجي ٽي وي موجب احسن اقبال هڪ ٽوئيٽر پيغام ۾ آمري دور ۽ جمهوري دورن  تي ڳالهائندي چيو ته اسانجي تاريخ جمهوريت ۽ آمريت جي آس پاس گھمي رهي آهي صرف اهو ئي نه پر ملڪي تاريخ مارشل لا ۽ جمهوريت وچ ۾ به نظر اچي ٿي، هن چيو ته ڪجھه ڳجھا هٿ  وري جمهوري  عمل ۾ رنڊڪ وجھڻ چاهين ٿا انشاءُ الله اسان جي انهن جي سازش کي ناڪام ڪنداسي، ملڪي بقا ۽ روشن مستقبل تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪنداسي، گھرو وزير جمهوريت ۽ آمريت جي  ڪجھه ان طرح ڀيٽ ڪئي ته سن 50 ۾ ملڪ ۾ ڊيموڪريسي رهي ته 60 ۾ مارشل لا لاڳو ٿيو، ستر  ۾ هڪ دفعو ٻيهر جمهوريت کي هٿي ڏني وئي ته سن 90 ۾ آمريت حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو،  ڊگھي جدوجھد  کان پوءِ وري جمهوري عمل بحال ٿيو ان سان گڏ ئي احسن اقبال سوال ڪيو ته هر 10 سالن کانپوءِ آمريت ملڪ  تي قابض ٿي وڃي ٿي هاڻي 2020 ۾ ڇا ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *