ازبڪستان جي دوري دوران وزيراعظم جي امام بخاري جي مزار تي حاضري، آزادي اسڪوائر پهچي شهيدن جي يادگار تي گل رکيا

تاشقند(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ازبڪستان جي دوري تي پهتل وزيراعظم نواز شريف آزادي اسڪوائر پهچي شهيدن جي يادگار تي گل رکيا آهن، وزيراعظم نواز شريف ثمر قند پهچي روحاني بزرگ امام بخاري جي مزار تي به حاضري ڀري آهي. ازبڪستان جي دوري تي پهتل وزيراعظم نواز شريف تاشقند ۾ آزادي اسڪوائر پهتو ته فوجي جٿن کيس سلامي ڏني، ان موقعيتي خاتون اول ڪلثوم نواز، خاص معاون طارق فاطمي ۽ قومي سلامتي بابت صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ ناصر جنجوعا پڻ ساڻس گڏ هئا. وزيراعظم نواز شريف آزادي اسڪوائر تي قائم ازبڪستان جي سينيٽ سميت ٻين اهم قومي عمارتن جو به دورو ڪيو، جڏهن ته وزيراعظم شهيد جي يادگار تي پڻ گل رکيا. تاشقند کانپوءِ وزيراعظم نواز شريف، ازبڪستان جي شهر ثمر پهتو، جتي ازبڪ وزيراعظم شفقت مرزا ايوب ۽ ثمر قند جي گورنر سندس آجيان ڪئي.  وزيراعظم نواز شريف، ثمر قند ۾ روحاني بزرگ امام بخاري جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *