ارشد پپو قتل ڪيس: سرڪاري سرپرستي ۾ قتل ۽ ڏوهن جو اعتراف، رينجرز عزير بلوچ جو حلفي اعترافي بيان پيش ڪري ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ارشد پپو قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت جاچ آفيسر جي عدم حاضري تي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، رينجرز پراسيڪيوٽر عزير بلوچ جو حلفي بيان عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ ارشد پپو قتل ڪيس جي ٻڌڻي جي موقعي تي جوابدارن جي ضمانت واري درخواست ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، جاچ آفيسر عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو.  عدالت جو چوڻ هو ته پوليس کي هڪ ٻيو موقعو ڏيون ٿا نه ته وارنٽ جاري ڪري سگهون ٿا، بعد ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻڌڻي 16 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ان کان سواءِ رينجرز پراسيڪيوٽر عزير بلوچ جو حلفي بيان عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، حلفي اعترافي بيان ۾ عزير بلوچ سرڪاري سرپرستي ۾ قتل، ڀتا خوري ۽ زمينن تي قضبن جو اعتراف ڪيو آهي، عزير بلوچ جي اعترافي بيان ۾ چيو ويو آهي ته انسپڪٽر چاند نيازي به منهنجي اِشارن تي ڪم ڪندو هو. ٻئي وپاسي وڪيل جو چوڻ هو ته ڪنهن شاهد جوابدارن ۽ درخواستگذارن جي خلاف شاهدي ناهي ڏني، پراسيڪيوٽر رينجرز ساجد محبوب جو چوڻ هو ته اِهو بيان عزير بلوچ جي گرفتاري کان پهرين جا آهن، گرفتاري کان پوءِ واري صورتحال تبديل ٿي چڪي آهي، عدالت ٻڌڻي 16 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *