ارشاد رانجهاڻي قتل واري واقعي کي لساني رنگ نه ڏنو وڃي، اهو انسانيت جو قتل هوۡ: مراد علي شاهه

ٽنڊو باگو/ ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آھي تھ ارشاد رانجھاڻي جي قتل کي لساني رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي اسان ان مامري تي ڪنھن کي بھ سياسي رنگ نھ ڏيڻ ڏينداسين. چيف جسٽس ايف آءِ اي کي بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ جو نالو اِي سي ايل مان فوري طور تي ڪڍڻ جو حڪم ڏنو آھي. سنڌ حڪومت تعليم جي بھتريءَ لاءِ ھر ممڪن ڪوشش ڪري رھي آھي. اسان صوبي ۾ يونيورسٽيون پڻ قائم ڪري رھيا آھيون. اھڙن خيالن جو اظھار ھن ٽنڊو باگو ۾ ميڊيا سان گفتگو دوران ڪيو، ميڊيا سان ڳالھائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو تھ اسڪولن ۾ سھولتن جي کوٽ کي ھنگامي بنيادن تي پورو ڪري رھيا آھيون. اسان سھولتن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ 4200 اسڪولن کي بجيٽ ڏنو آھي. ارشاد رانجھاڻي قتل جي حوالي سان سندس چوڻ ھو تھ ارشاد رانجھاڻي جي قتل کي لساني رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ٿي رھي آھي. اھو واقعو انسانيت خلاف آھي جنھن سان بھ ناانصافي ٿيندي سنڌ حڪومت انھن سان بيٺل ھوندي، ھوُ سنڌي آھي يا ڪو ٻيو منھنجو ان سان ڪو تعلق نھ آھي. اسان ڄاڻايل مامري ۾ ڪنھن بھ قسم جو ڪو سياسي رنگ ھرگز برداشت نھ ڪيو ويندو. ڪنھن کي بھ پروپيگنڊا ۾ اچڻ جي ضرورت نھ آھي. ھن چيو تھ رمشا وساڻ ڪيس ۾ بھ اسان سختيءَ سان عمل ڪيو آھي. رمشا وساڻ ڪيس ۾ سمورن ڏوھارين کي گرفتار ڪيو آھي. اِي سي ايل ۾ شامل نالن جي حوالي سان وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو تھ چيف جسٽس ايف آءِ اي وارن کان پڇا ڪئي تھ اوھان ڪنھن جي چوڻ تي بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير جو نالو اِي سي ايل ۾ وڌو آھي. چيف جسٽس کين بلاول ڀٽو زرداري ۽ مراد علي شاھھ جو نالو فوري طور تي اِي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏنو آھي. ھن پاڻيءَ جي کوٽ بابت چيو تھ سنڌ کي ان جي حصي جو پاڻي نھ پيو ڏنو وڃي جنھن ڪري سنڌ جا آبادگار پاڻي جي کوٽ ھئڻ ڪري پريشان آھن. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو تھ وفاقي حڪومت پاران صوبن کي وسيلن جي ورڇ بھتر نھ پئي ڪئي وڃي. 85 سيڪڙو وسيلا صوبن کي وفاق کان ملندا آھن جنھن لاءِ اسان وفاق سان ڳالھايو آھي. تقريب کي خطاب دوران سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار شاھھ چيو تھ استادن جي کوٽ گھڻي نھ آھي جيڪڏھن مقرري ۽ بدليءَ جو مسئلو ضرور آھي. ھن چيو تھ سنڌ ۾ 28 شاگردن لاءِ ھڪ استاد مقرر ھوندو آھي. 150000 شاگردن لاءِ 42000 استاد موجود آھن. اسان رڳو ريشنلائيز ڪري رھيا آھيون. جتي جتي استادن کي کوٽ ھوندي انھن اسڪولن کي استاد ڏنا ويندا. ھي مير غلام محمد ٽالپر اسڪ پراڻو اسڪول آھي ان کي اصل حالت ۾ بحال ڪرڻ لاءِ وڏي وزير ھدايتون ڪيون آھن. وڏي وزير جي ٽنڊو باگو پھچڻ تي سندس شاندار آجيان ڪئي وئي. انھيءَ بعد وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ ٽنڊو باگو ۾ مير غلام محمد ٽالپر اسڪول جي سئو سالا تقريب ۾ شرڪت ڪئي. سيڪريٽري ڪاليجز پرويز احمد سيھڙ ڪاليج جي حوالي سان بريفنگ ڏني. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ ھڪ ڪلاس ۾ شاگردن سان ڳالھھ ٻول پڻ ڪئي. تقريب جا انتظام اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ڪيا ھئا. ان موقعي تي محترمھ بينظير ڀٽو شھيد جي ايثال ثواب لاءِ دعا پڻ ڪئي وئي. انھيءَ بعد وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ تقريب کي خطاب ڪندي چيو تھ بدين ۾ اڳ بھ آيو آھيان  پر اڄ وڌيڪ خوش آھيان ڇاڪاڻ تھ ھتي اسٽيج تي ٽالپر، جمالي، نظاماڻي، پير ۽ ٻيون اھم شخصيتون موجود آھن. مان تمام خوش آھيان تھ 100 سال پراڻي ترجيحي اسڪول ۾ آيو آھيان. مير غلام محمد ٽالپر جھڙي عظيم انسان جي اسڪول ۾ موجود ھئڻ مون لاءِ ھڪ اعزاز جي ڳالھھ آھي.، مير صاحب پنھنجي وقت جو سنڌ جو سر سيد ھو. اسان جا پراڻا ھندو ۽ پارسي تعليم جي ماھرن سنڌ ۾ تعليم کي اڳتي وڌائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي. مراد علي شاھھ ڊگري ڪاليج جو افتتاح ڪندي چيو تھ ٽنڊو باگو کي ھر سھول فراھم ڪئي ويندي. اسان ملازمن کي پڪو ڪندا آھيون جيڪي محترمھ شھيد ڀٽو جو سبق آھي ۽ ان تي عمل ڪندا رھنداسين. جن اسڪولن ۾ اينرولمنيٽ وڌيڪ آھي اسان انھن کي اھميت ڏئي رھيا آھيون. تعليم واري شعبي ۾ اسان کي اوھان سڀ ۽ خاص طور تي استادن کي دل سان ڪم ڪرڻ گھرجي. ھن چيو تھ مير غلام محمد ٽالپر جڏھن گرلز اسڪول بڻايو تھ ليڊي استاد جي ضرورت پئي مير صاحب ھڪ ليڊي استاد جو خاندان حيدرآباد کان بدين منتقل ڪرايو ۽ گرلز تعليم شروع ڪئي. ھن چيو تھ استادن جو ڪم آھي تھ ٻارن کي سٺي تعليم ڏني وڃي. استادن جي کوٽ نھ آھي پر اسان وٽ سائين ۽ رياضي جي استادن جي ضرورت آھي. اسان استادن کي نئين گھرجن ۽ ٽيڪنالاجي موجود سکيا ڏئي رھيا آھيون. اسان کي ھن ملڪ ۽ صوبي جي تعمير ڪرڻي آھي ۽ اھو رڳو تعليم سان کي ٿي سگھي ٿي. ھي قديم شھر آھي. مون ان جي روڊن جي تعمير لاءِ ورڪس کاتي کي ھدايت ڪئي آھي. ھن چيو تھ بدين پڇڙيءَ ۾ آھي اسان ھتان جي نھري نظام کي بھتر بڻائي رھيا آھيون. وفاقي حڪومت پنھنجو ڪم نھ پئي ڪري جنھن ڪري اسان کي گذريل سال کان بھ گھٽ فنڊ ملي رھيا آھن. فنڊن جي کوٽ آھي پر اسان ڪوشش ڪري مسئلن کي حل ڪنداسين. صحت واري شعبي ۾ بھ ھن ضلعي کي خاص توجھھ ڏئي رھيا آھيون. ھن اسڪول جي اولڊ بوائز جيڪي ھاڻي اولڊ مين ٿي ويا آھن سندن ڪوشش ڪري ھي پروگرام ٿي رھيو آھي مان انھن جو ٿورائتو آھيان. وڏي وزير چيو تھ ھن پراڻي اسڪول کي اصل حالت ۾ بحال ڪيو ويندو. ان موقعي تي ھن وڌيڪ چيو تھ اڄ ميڊيا ھلايو تھ مراد علي شاھھ گاڏين جي قافلي ۾ ٽنڊو باگو پھتو جڏھن تھ مون سان رڳو ھڪ گاڏي ھئي باقي ھتان جي دوستن جون ھيون. مراد علي شاھھ اولڊ بوائز ايسوسيئيشن مير غلام محمد خان ٽالپر اسڪول جي نمائندن ۾ ايوارڊ ورھايا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *