ارشاد رانجهاڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيا، پوري سنڌ سراپا حتجاج، رحيم شاهه جي گرفتاري جو مطالبو

اسلام آباد/ڪراچي/ورڪشاپ/  (نمائندن وٽان) ڪراچي جي ڀينس ڪالوني ۾ قومپرست ڪارڪن ارشاد رانجهاڻي کي بيدرديءَ سان قتل ڪندڙ يوسي چيئرمين رحيم شاهه جي گرفتاري لاءِ مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا. مٺياڻي ۾ حبيب مشوري، فياض شيخ، رياض سولنگي، وقارشيخ ۽ امداد ملڪ جي اڳواڻيءَ ۾ سياسي سماجي تنظيمن طرفان پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو. موري ۾ سنڌ نيشنل پارٽي جي سڏ تي پريس ڪلب اڳيان علامتي بُک هڙتال ڪئي وئي، جنهن ۾ ايس ٽي پي، جسقم آريسر، رانجهاڻي برادري، قومي عوامي تحريڪ، جسقم ۽ ٻين سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن توڙي اڳواڻن شرڪت ڪئي. اُن موقعي تي اعزاز رانجھاڻي، راشد سولنگي، محمود اعواڻ، خادم بالادي، شاھنواز ڀٽي، امير لغاري، اشفاق پنھور، نادر ڪورائي، الطاف بھڻ، عرفان عباسي، فھيم لانگاھ، صدام ڪلھوڙو، جاويد عالماڻي ۽ ٻين ارشاد رانجهاڻي جي قاتل رحيم شاهه کي فوري گرفتار ڪرڻ جو مطابو ڪيو. ميرو خان ۾ جسقم ۽ شهري اتحاد جي سڏ تي صوبدار جتوئي، شعبان چنو، رضوان تنيو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ مظاهرو ڪيو ويو. فيض گنج ۾ جسقم ۽ سوسل سوسائٽي جي نمائندن طرفان عطا حسين شر، خادم شر، مصدق ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ارشاد راجهاڻي جي بيرحماڻي قتل واقعي خلاف احتجاج ڪيو ويو. ٺري ميرواهه ۾ بدرالدين شر، ياسين حيدر شر، فيضان ٻانڀڻ، راحيل ٻانڀڻ، شرجيل شر، صداقت شر، تنوير ٻانڀڻ، ممتاز سومرو، نسيم اعجاز ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن ريلي وئي. جنهن کانپوءِ ناڪه چوڪ تي مظاهرو ڪري قومپرست ڪارڪن جي قاتل کي فوري گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. دادو ۾ ايس يو پي جي سڏ تي قاضي زاهد، اعظم ترين ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾مظاهرو ڪيو ويو. هٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاج ڪندڙ ڪارڪن قاتل رحيم شاهه جي گرفتاري لاءِ نعريبازي ڪري رهيا هئا. مظاهرين چيو آهي ته ارشاد رانجهاڻي جي قتل واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي قاتل يوسي چيئرمين رحيم شاهه کي ڪيفرِ ڪردار تائين پهچايو وڃي. دادو ۾ جي ڊي اي اڳواڻ نصرت سحر عباسي ۽ پي ٽي آءِ ايم پي اي حليم عادل شيخ جي اڳواڻيءَ ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو رستن تي نڪري آيا، مظاهري دوران ارشاد رانجهاڻي جي قاتل جي گرفتاري لاءِ نعرا هنيا ويا. ڪڙيو گهنور، ڪي اين شاهه، ٽنڊو ڄام، ميهڙ، سن، مانجهند، هالا، مٽياري، ڪوٽري، نصير آباد، ٺل ۽ ڪشمور۾ به قومپرست، سياسي سماجي تنظيمن طرفان مظاهرا ڪيا ويا. لاڙڪاڻي ۽ سکر ۾ به تعداد ۾ ماڻهن مظاهرو ڪري ارشاد رانجهاڻي جي قتل واقعي خلاف مظاهرا ڪيا ويا. دولتپور، گهارو، لالو رائنڪ، مديجي، ڀان سيد آباد، ميرپور بٺورو، شهدادڪوٽ، شهدادپور، جوهي ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ارشاد رانجهاڻي جي قاتل جي گرفتاري لاءِ مظاهرا ڪيا ويا. سڄي سنڌ ۾ ٿيل مظاهرن دوران ڪراچي ۾ بيدرديءَ سان قتل ٿيل ارشاد رانجهاڻي جي جوابدارن کي ڪيفرِ ڪردار تائين پهچائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڪراچي ۾ انتهائي وحشياڻي انداز ۽ بيدردي سان قتل ٿيل سياسي ورڪر ارشاد رانجهاڻي جي قتل خلاف پريس ڪلب اسلام آباد ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي، مظاهري ۾ سنڌي شاگردن، سول سوسائٽي جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئي، ان موقعي تي اهي مسلسل نعريبازي ڪري رهيا هئا ته ارشاد رانجهاڻي جي قاتل يوسي چيئرمين رحيم شاهه کي گرفتار ڪيو وڃي. هوڏانهن ورڪشاپ جي نوجوان پاران ارشاد رانجهاڻي جو ڪيس وڙهندڙ وڪيل کي 2 ايڪڙ زرعي زمين کپائي رقم ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. قادربخش چانڊيو پنھنجي اخبار سان ڳالھيندي اھڙو اعلان ڪيو . هن چيو ته ٻه ايڪڙ زرعي زمين آهي جيڪو به وڪيل ارشاد رانجھاڻي جو ڪيس وڙھي قاتل کي سزا ڏياريندو ان کي پنهنجي 2 ايڪڙ زرعي زمين وڪرو ڪري رقم ڏيندس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *