اردو کي سرڪاري ٻولي جو درجو ڏيڻ بابت وفاقي حڪومت کي يارنهن جون تائين حتمي جواب داخل ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو) سـُپريم ڪورٽ، اردو کي سرڪاري ٻولي جو درجو ڏيڻ بابت وفاقي حڪومت کي يارنهن جون تائين حتمي جواب داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جسٽس شيخ عظمت سعيد ريمارڪس ۾ چيو آهي ته هي ڪنهن جي پسند يا نا پسند جو معاملو ناهي، منافقت ختم ڪري آئين سان مذاق بند ڪيو وڃي. جسٽس جواد ايس خواجه ۽ جسٽس شيخ عظمت سعيد تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ اردو کي سرڪاري ٻولي جو درجو ڏيڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران چئنيصوبن پاران علائقائي زبانن بابت رپورٽس پيش  ڪئي،ايڊووڪيٽ جنرل بلوچستان عدالت کي ٻڌايو ته صوبي ۾ 6 زبانن کي علائقائي زبانن جو درجو ڏنو ويو آهي. عدالت، سنڌ، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي رپورٽس تي اطمينان جو اظهار ڪندي پنجاب حڪومت جي رپورٽ غير تسلي بخش قرار ڏئي ڇڏي. عدالت، پنجاب جي ايڊووڪيٽ جنرل کي حڪم ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻي تي نئين رپورٽ جمع ڪرائي وڃي. جسٽس جواد ايس خواجه ريمارڪس ڏنا ته حڪومت ٻڌائي ته آئين جي شق 251 تي عمل ڪرڻو آهي يا نه. انفارميشن واري سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته 6 مهينن اندر اردو کي سرڪاري ٻولي جو درجو ڏنو ويندو، ان حوالي سان وزيراعظم پاليسي بيان پڻ جاري ڪندو. جسٽس شيخ عظمت سعيد ريمارڪس ۾ چيو ته هي ڪنهن جي پسند يا نا پسند جو معاملو ناهي، منافقت ڇڏي آئين سان مذاق بند ڪيو وڃي. جسٽس شيخ عظمت سعيد چيو ته انگريزي کي ختم ڪري قوم کي جااهل نه بڻايو وڃي، جيڪڏهن انگريزي کي ختم ڪرڻوآهي ته پوءِ طالبان جو انتظار ڪريو. عدالت، اردو کي سرڪاري ٻولي جو درجو ڏيڻ بابت وفاقي سرڪار کي ايندڙ ٻڌڻي تي جواب داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 11 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *