ارجن ڪپور بالي ووڊ انڊسٽري جو هڪ اداڪار آهي ان ڪري هن سان دوستي هئڻ ڪري گڏ گهمندي آهيان: جيڪولين

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي سريلنڪائي اداڪارا جيڪولين فرنيڊيس ميڊيا ۾ سندس ۽ ارجن ڪپور جي لاڳاپن بابت خبرون اچڻ بعد سخت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته هتي ٻن منٽن جي ملاقات کي عجيب رنگ ڏنو وڃي ٿو، هن چيو ته ارجن ڪپور بالي ووڊ انڊسٽري جو هڪ اداڪار آهي ان ڪري هن سان دوستي هئڻ ڪري گڏ گهمندي آهيان ۽ اسان وچ ۾ ڪي اعتراض جوڳا يا وري ٻيا لاڳاپا نه آهن. هن چيو ته ان کان اڳ کيس سلمان خان سان ڳنڍيو ويو ۽ اخبارن ۾ هن بابت الائي ڇا مان ڇا لکيو ويو، جيڪولين واضح ڪيو ته هو هر سوال جو جواب ڏيڻ پسند ناهي ڪندي، ميڊيا ڀلي ڪهڙا به سوال اٿاري هر ڪنهن جو جواب نه ٿي ڏئي سگهان. هن واضح ڪيو ته ارجن ڪپور هڪ سٺو دوست آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *