ارجن ڪپور،اٿيا شيٺي سان افيئرواريون خبرون رد ڪري ڇڏيون

ممبئي (شوبز نيوز)  بالي ووڊ اداڪار ارجن ڪپور سينيئر اداڪار سنيل شيٺي جي ڌيءُ اداڪارا اٿيا شيٺي سان افيئرواريون خبرون رد ڪري ڇڏيون آهن، ڀارتي ميڊيا مطابق هڪ انٽرويو ۾ ارجن ڪپور چيو ته اٿيا سان سندس اهڙا ڪي به لاڳاپا آهن، جن جو ذڪر ڪيو پيو وڃي، اهڙيون خبرون بي بنياد، من گهڙت ۽ ڪوڙيون آهن، هن چيو ته اهڙين اجائي ڳالهين سان ٻن ماڻهن جي دل آزاري ٿئي ٿي، جڏهن ته حقيقت ۾ ان جو پري پري تائين ڪو پيرو ئي ناهي هوندو، هن چيو ته اٿيا شيٺي سندس ڀيڻ جي سهيلي آهي ۽ ان حوالي سان ساڻس منهنجي ٿوري گهڻي ڄاڻ سڃاڻ آهي، جنهن کي ماڻهو وڌائي پيش ڪن ٿا، ارجن ڪپور چيو ته اهڙيون بي بنياد ڳالهيون منهنجي ۽ اٿيا جي والدين توڙي ڪيريئر تي ناڪاري اثر وجهي سگهن ٿيون.001

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *