اربين رپين جي نقصان تي اسٽيٽ بئنڪ جي سڄي انتظاميا کي فارغ ڪرڻ گهربو هو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ گولڊن هينڊ شيڪ اسڪيم جي حوالي سان اسٽيٽ بئنڪ جي اپيل منظور ڪري ورتي خميس تي چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي چيف جسٽس گلزار احمد اسٽيٽ بئنڪ جي انتظاميه تي ڪاوڙجي پيو ۽ چيو ته آفيسرن ٻين ملازمن بدران پنهنجون پگهارون وڌائي ڇڏيون اسٽيٽ بئنڪ جي سڄي انتظاميه کي فارغ ڪرڻ گهرجي ها چيف جسٽس چيو ته اسٽيٽ بئنڪ کي اربين رپين جو نقصان رسايو ويو ايڏو وڏو نقصان بئنڪ انتظاميه جي نااهلي سان ٿيو، اهڙا معاملا سامهون اچن ٿا ته تڪليف ٿئي ٿي چيف جسٽس چيو ته ڪيڏي نه شرم جي ڳالهه اهي جو وڏو وڏا آفيسر پگهارون وٺي ادارن کي تباهه ڪري ڇڏين ٿا جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي اسٽيٽ بئنڪ جي وڪيل سان گفتو ڪيو ته اداري کي بعد ۾ ڪيترا رپيا ادا ڪرڻا پيا اسٽيٽ بئنڪ جي وڪيل چيو ته اسٽيٽ بئنڪ کي اٽڪل 2 بلين رپيا ڏيڻا پيا چيف جسٽس چيو ته ايڏي وڏي نقصان کان پوءِ اوهان جي ڪنهن آفيسر کي اثر نه ٿيو هوندو ملازمن جي وڪيل چ يو ته اسٽيٽ بئنڪ جي وڪيل ته لاڳاپيل دستاويز ئي نه لڳايا آهن چيف جسٽس اسٽيٽ بئنڪ جي وڪيل سان گفتو چيو ته اوهان جهڙي سينئر وڪيل مان اسان کي اهڙي اميد نه هئي عدالت اسٽيٽ بئنڪ جي اپيل ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي. ٻڌڻي وڌيڪ 6 مهينن کان پوءِ ٿيندي اسٽيٽ بئنڪ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي هئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *